سعودي عرب ۽ آمريڪا جي پرڏيهي وزير وچ ۾ ملاقات، اقتصادي ناتن ۽ ميري ٽائيم سيڪيورٽي تي خيالن جي ڏي وٺ

واشنگٽن -29 سيپٽمبر(اي پي پي ) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان واشنگٽن ۾ پنهنجي آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ آمريڪا وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن، علائقائي سياسي ۽ سيڪورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته يمن جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي استحڪام جي حمايت، عالمي واپار ۽ سپلائي …

واشنگٽن -29 سيپٽمبر(اي پي پي ) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان واشنگٽن ۾ پنهنجي آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ آمريڪا وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن، علائقائي سياسي ۽ سيڪورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته يمن جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي استحڪام جي حمايت، عالمي واپار ۽ سپلائي چينز جي بلا رنڊڪ وهڪري کي يقيني بڻائڻ لاءِ آبي لنگهه خاص طور تي آبنائي هرمز ۽ باب المندب جي ميري ٽائيم سيڪيورٽي ۽ فريڊم آف نيويگيش جي اهميت تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان علاوه علائقائي بحرانن کي منهن ڏيڻ، سيڪيورٽي، امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان سفارتي ڪوششن جي حمايت سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي سهڪار ۽ مشاورت جاري رکڻ جي ضرورت تي زورڀريو ويو.