ڪابل -29 سيپٽمبر (اي پي پي) افغانستان ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال عدم استحڪام جو شڪار آهي جتي طالبان مخالف مزاحمتي فورسز جي عسڪري ڪارروائين ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي. طالبان مخالف هٿياربند تنظيم افغانستان فريڊم فرنٽ صوبي بدخشان جي صوبائي گادي واري هنڌ فيض آباد ۾ هٿياربندن ماڻهن جي حملي جي دعويٰ ڪئي آهي. تنظيم پاران جاري بيان موجب انهن ويڙهاڪن صبح جو 9 لڳي 45 منٽن تي معدنيات …
افغانستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال سنگين، طالبان جي گاڏي تي هٿياربندن جو حملو، 3 اهلڪار مارجي ويا
ڪابل -29 سيپٽمبر (اي پي پي) افغانستان ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال عدم استحڪام جو شڪار آهي جتي طالبان مخالف مزاحمتي فورسز جي عسڪري ڪارروائين ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي. طالبان مخالف هٿياربند تنظيم افغانستان فريڊم فرنٽ صوبي بدخشان جي صوبائي گادي واري هنڌ فيض آباد ۾ هٿياربندن ماڻهن جي حملي جي دعويٰ ڪئي آهي. تنظيم پاران جاري بيان موجب انهن ويڙهاڪن صبح جو 9 لڳي 45 منٽن تي معدنيات کاتي ويجهو علائقي ۾ طالبان فورسز جي گاڏي کي نشانو بڻايو، حملي جي نتيجي ۾ 3 طالبان اهلڪار موقعي تي ئي مارجي ويا جڏهن ته 2 سخت زخمي ٿي پيا. افغانستان فريڊم فرنٽ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ان ڪارروائي ۾ تنظيم جا سمورا حملو ڪندڙ محفوظ رهيا ۽ هدف کي نشانو بڻائڻ کان پوءِ ڪاميابي سان پنهنجي محفوظ ٺڪاڻن طرف نڪري ويا.












