اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد ۾ پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ 2 نوان ڊيم ايندڙ چار سال ۾ مڪمل ڪنداسين، پراڻيون پائيپ لائينون تبديل ڪنداسين. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ تمڪين اختر نيازي ۽ بين جي اسلام آباد ۾ پاڻي جي وڌندڙ کوٽ، پاڻي صاف ڪرڻ ۽ ٻيهر استعمال جوڳو بڻائڻ جي پلانٽس جي تنصيب جي ضرورت بابت …
اسلام آباد ۾ پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ 2 نوان ڊيم ايندڙ چار سال ۾ مڪمل ڪنداسين: طلال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد ۾ پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ 2 نوان ڊيم ايندڙ چار سال ۾ مڪمل ڪنداسين، پراڻيون پائيپ لائينون تبديل ڪنداسين. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ تمڪين اختر نيازي ۽ بين جي اسلام آباد ۾ پاڻي جي وڌندڙ کوٽ، پاڻي صاف ڪرڻ ۽ ٻيهر استعمال جوڳو بڻائڻ جي پلانٽس جي تنصيب جي ضرورت بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته اسلام آباد ۾ پاڻي جو استعمال 240 ميلن گيلن روزانو آهي، 80 ملين گيلن دستياب آهي، ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ واپڊا ذريعي شادره ڊيم، دوتارا ڊيم جي تعمير جي فزيبلٽي اسٽڊي ڪرائي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان قانونن ۾ تبديلي ڪئي آهي، پاڻي جي سطح گهٽ ٿي رهي آهي، هاڻي رين واٽر ريلز بڻايا پيا وڃن، ان کان سواءِ نقشو ئي منظور نه ٿا ڪيون. هن انڪشاف ڪيو ته پوش ايريا ايف سيڪٽر ۾ رهندڙ ماهوار 240 روپيه بل نه ٿا ڏين، اهي ماڻهو پنهنجا ملازم ٻاهران آڻين ٿا. هن چيو ته اسلام آباد جي سمورن سيڪٽرز جي پراڻي پائيپ لائنز کي ڏيڍ سال ۾ تبديل ڪيو ويندو، ان جو پي سي ون بڻايو ويو آهي. هن ميمبرن کي چيو ته ريڪوري 10 سيڪڙو آهي، هو ريڪوري ۽ بلن جي ادائيگي لاءِ اسان سان تعاون ڪن، پاڻي جي بچت ڪن. هن ٻڌايو ته ڪنهن اسڪيم جي منظوري ڏني وڃي ٿي ته ايس او پيز ۾ رين واٽر هارويسٽنگ کي نظر ۾ رکندي ان جي منظوري ڏني ويندي آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ آءِ نائن ۾ سيوريج ٽريٽمنٽ پلانٽ نصب ڪيو پيو وڃي.








