اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي، ته حڪومت فاٽا ۽ پاٽا جي عوام جي مخصوص مسئلن ۽ ضرورتن کان پوري ريت آگاهه آهي ۽ انهن جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قبائلي عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي به حڪومت قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. اڱاري ڏينهن سينيٽ اجلاس دوران سينيٽر عطاءُ الرحمان جي …
حڪومت فاٽا ۽ پاٽا جي عوام جي مخصوص مسئلن ۽ ضرورتن کان پوريءَ ريت آگاهه آهي، انهن جي ڀلائي اولين ترجيح آهي: بلال اظهر ڪياني

مزید خبریں
اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي، ته حڪومت فاٽا ۽ پاٽا جي عوام جي مخصوص مسئلن ۽ ضرورتن کان پوري ريت آگاهه آهي ۽ انهن جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قبائلي عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي به حڪومت قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. اڱاري ڏينهن سينيٽ اجلاس دوران سينيٽر عطاءُ الرحمان جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا جي علائقن ۾ سيلز ٽيڪس جي حوالي سان گذريل سال هڪ ڊگهي سياسي مشاورت کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو هو جنهن جو مقصد ٽيڪس نظام ۾ توازن برقرار رکڻ ۽ ٽيڪس ڇوٽ جي غلط استعمال کي روڪڻ هو. هن ٻڌايو ته گذريل سال فاٽا ۽ پاٽا جي علائقن ۾ 10 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جڏهن ته هلندڙ سال اهو وڌائي 12 سيڪڙو ڪيو ويو، ان باوجود اها شرح ملڪ جي ٻين علائقن ۾ لاڳو 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس کان گهٽ ۽ ترجيحي شرح آهي. هن چيو ته ان فيصلي کان اڳ فاٽا، پاٽا ۽ خيبر پختونخوا جي نمائندن، لاڳاپيل سياسي اڳواڻن ۽ ايف بي آر اختيارين وچ ۾ تفصيلي مشاورت ٿي هئي، ان عمل جي قيادت ان وقت راڻا ثنا الله ڪئي جڏهن ته امير مقام ۽ لاڳاپيل اختياريون به مشاورت ۾ شريڪ هيون. بلال اظهر ڪياني چيو ته فاٽا لاءِ ٽيڪس ڇوٽ جو مقصد علائقي جي مخصوص محرومين ۽ ڏکيائين کي نظر ۾ رکندي اتي جي عوام ۽ ڪاروبار کي سهولت ڏيڻ هو، جڏهن ته ان ڇوٽ جي غلط استعمال جون شڪايتون به سامهون اينديون رهيون. هن جو چوڻ هو ته مختلف ڪاروباري نمائندن ۽ چيمبرز مان به اهي شڪايتون سامهون آيون ته فاٽا ۽ پاٽا جي نالي تي ٽيڪس ڇوٽ جو غلط فائدو کنيو ويو ۽ اهڙيون شيون ۽ ڪاروبار به ڇوٽ ۾ شامل ڪيا ويا جن جو تعلق انهن علائقن سان نه هو. فاٽا ۽ پاٽا جي ٽيڪس معاملن تي ڳالهائيندي سينيٽر رانا ثناالله چيو ته مختلف ڪاروباري شعبن ۽ لاڳاپيل نمائندن سان به ان معاملي تي مشاورت ڪئي وئي، ڪاروباري طبقي پاران موجوده ٽيڪس نظام تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي. ٽيڪس ڇوٽ ۽ ٻين سهولتن ۾ مختلف دورن دوران توسيع ڪئي ويندي رهي جڏهن ته هاڻي ان نظام جي موثر شفاف جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته فاٽا ۽ پاٽا لاءِ سيلز ٽيڪس جي شرح 10 سيڪڙو کان شروع ڪئي وئي هئي ۽ طئي ڪيو ويو ته هر سال ان ۾ 2 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو. سينيٽر راڻا ثنا الله چيو ته ڪاروباري طبقي جي خدشن ۽ فاٽا ۽ پاٽا جي علائقن جي مخصلص ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ضروري آهي ته ٽيڪس نظام بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ معاشي سرگرمين کي به نقصان نه پهچي.








