اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وزيراعظم هائوس جي سينيئر فوٽوگرافر باسط بلوچ جي نوجوان ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ سندس گهر ويو ۽ باسط بلوچ ۽ سندس والد سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ پڻ وفاقي وزير سان گڏ هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باسط بلوچ …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي وزيراعظم هائوس جي سينيئر فوٽوگرافر باسط بلوچ جي گهر آمد، نوجوان ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وزيراعظم هائوس جي سينيئر فوٽوگرافر باسط بلوچ جي نوجوان ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ سندس گهر ويو ۽ باسط بلوچ ۽ سندس والد سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ پڻ وفاقي وزير سان گڏ هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باسط بلوچ جي ڀاءُ جو لاڏاڻو وڏو سانحو آهي، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ باسط بلوچ ۽ سندس گهرڀاتين سان گڏ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلى مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.










