وزيراعظم پاران هنگو ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران ڪيپٽن حمزه اڪرم جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هنگو ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران ڪيپٽن حمزه اڪرم جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم هنگو ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي دوران ڪيپٽن حمزه اڪرم جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي ڪيپٽن حمزه اڪرم شهيد جي بهادري، …

اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هنگو ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران ڪيپٽن حمزه اڪرم جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم هنگو ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي دوران ڪيپٽن حمزه اڪرم جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي ڪيپٽن حمزه اڪرم شهيد جي بهادري، جرئت ۽ فرض شناسي کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪيپٽن حمزه اڪرم شهيد بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪندي شهادت جو رُتبو ماڻيو. وزيراعظم هنگو آپريشن ۾ 7 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته قوم پنهنجي بهادر سپوتن جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر عطا ڪري. وزيراعظم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج خلاف ڪارروائيون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته قوم ۽ ملڪ جي دفاع، امن ۽ سلامتي لاءِ اسان جي بهادر فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو قربانيون رائيگان نه وينديون.