وزيراعظم پاران پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان جي والده جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

مدينو شريف- 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان جي والده جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف جيڪو مديني شريف ۾ موجود آهي، مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ سندس پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ …

مدينو شريف- 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان جي والده جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف جيڪو مديني شريف ۾ موجود آهي، مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ سندس پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جو سموريون همدرديون بيرسٽر گوهر علي خان ۽ سندس خاندان سان گڏ آهن.