آءِ ايس پي آر سمر انٽرنشپ پروگرام 2026ع: چيئرمين واپڊا ليفٽينينٽ جنرل محمد سعيد (ر) جو نوجوانن جي لاءِ اهم پيغام

راولپنڊي- 08 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ايس پي آر جي اهتمام هيٺ سمر انٽرنشپ پروگرام 2026ع تحت چيئرمين واپڊا ليفٽينينٽ جنرل محمد سعيد (ر) شاگردن سان هڪ خاص ويهڪ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سڄي ملڪ جي 21 اسٽيشنز مان شريڪ 6150 کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي خطاب ڪيو. چيئرمين واپڊا ليفٽينينٽ جنرل محمد سعيد (ر) نوجوان نسل لاءِ ڪردار سازي، حياتي جي مقصد، سماجي خدمت ۽ اڳواڻي وارين …

راولپنڊي- 08 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ايس پي آر جي اهتمام هيٺ سمر انٽرنشپ پروگرام 2026ع تحت چيئرمين واپڊا ليفٽينينٽ جنرل محمد سعيد (ر) شاگردن سان هڪ خاص ويهڪ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سڄي ملڪ جي 21 اسٽيشنز مان شريڪ 6150 کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي خطاب ڪيو. چيئرمين واپڊا ليفٽينينٽ جنرل محمد سعيد (ر) نوجوان نسل لاءِ ڪردار سازي، حياتي جي مقصد، سماجي خدمت ۽ اڳواڻي وارين صلاحيتن جي اهميت تي تفصيلي خيالن جو اظهار ڪيو. نوجوانن کي اهم پيغام ڏيندي ليفٽينينٽ جنرل محمد سعيد (ر) چيو ته زندگي جو حقيقي مقصد خالق جي معرفت حاصل ڪرڻ، ان جي تخليق تي غور ڪرڻ ۽ پنهنجي زندگي کي بامقصد بنائڻ آهي. ويهڪ دوران جنرل محمد سعيد (ر) نوجواني کي شخصيت، اعليٰ مصدن جي حصول ۽ ترقي جو سونهري دور قرار ڏيندي چيو ته زندگي جو واضح مقصد، مضبوط ڪردار ۽ مسلسل واڌ ويجهه انسان کي ڪاميابي جي نين اوچاين تي پهچائيندي آهي. ليفٽينينٽ جنرل محمد سعيد (ر) چيو ته زندگي کي معاشري ۽ انسانيت لاءِ لاڀائتو بنائڻ ئي حقيقي ڪاميابي ۽ باوقار زندگي جي واٽ آهي. واضح رهي ته آءِ ايس پي آر جو ادارو سمر انٽرنشپ پروگرام نوجوان قيادت کي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.