ڪيپٽن حمزه اڪرم شهيد جي عظيم قرباني اسان جي قومي عزم، بهادري ۽ وطن سان وفاداري جو روشن مثال آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) پارليماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته وطن عزيز ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهادت جو رُتبو ماڻيندڙ ڪيپٽن حمزه اڪرم شهيد کي پوري قوم خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. ڇنڇر ڏينهن ”ايڪس“ تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڪيپٽن حمزه اڪرم شهيد جي عظيم قرباني قومي عزم، بهادري ۽ وطن سان وفاداري جو روشن …

اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) پارليماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته وطن عزيز ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهادت جو رُتبو ماڻيندڙ ڪيپٽن حمزه اڪرم شهيد کي پوري قوم خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. ڇنڇر ڏينهن ”ايڪس“ تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڪيپٽن حمزه اڪرم شهيد جي عظيم قرباني قومي عزم، بهادري ۽ وطن سان وفاداري جو روشن مثال آهي. اسان جي شهيدن جو رت ان عزم جي ضمانت آهي ته پاڪستان جي سلامتي، امن ۽ خود مختياري تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن شهيد جي بلند درجن ۽ ڏکويل ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي.