اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي وزير عبدالعليم خان، شهادت جو رُتبو حاصل ڪندڙ ڪيپٽن حمزه اڪرم کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج جي هڪ ٻئي بهادر جوان ملڪ جي حفاظت لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. عبدالعليم خان چيو ته ڪيپٽن حمزه اڪرم 7 دهشتگردن کي مارڻ کانپوءِ شهادت جو رتبو حاصل ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي فوج جي عزم ۽ …
وفاقي وزير عبدالعليم پاران شهادت ماڻيندڙ ڪيپٽن حمزه اڪرم کي خراج عقيدت پيش
اسلام آباد- 08 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي وزير عبدالعليم خان، شهادت جو رُتبو حاصل ڪندڙ ڪيپٽن حمزه اڪرم کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج جي هڪ ٻئي بهادر جوان ملڪ جي حفاظت لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. عبدالعليم خان چيو ته ڪيپٽن حمزه اڪرم 7 دهشتگردن کي مارڻ کانپوءِ شهادت جو رتبو حاصل ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي فوج جي عزم ۽ بهادري دهشتگردن کي گوڏا جهُڪائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ”ايڪس“ تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير ڪيپٽن حمزه اڪرم کي داد شجاعت پيش ڪندي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو ۽ شهيد جوان جي بلند درجن ۽ سندس ڪٽنب جي صبر جي دعا ڪئي.












