ويلنگٽن- 08 آگسٽ (اي پي پي) نيوزيلينڊ، يوڪرين خلاف روسي جنگ جي حمايت ڪندڙ ماڻهن ۽ ادارن خلاف نئين پابندين جو اعلان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق پرڏيهي وزير ونسٽن پيٽرز طرفان اعلان ڪيل پابندين جي نئين پيڪيج ۾ 33 ماڻهن ۽ ادارن کي نشانو بڻايو ويو آهي. نيوزيلينڊ مارچ 2022ع ۾ روس خلاف پابندين جي قانون کي لاڳو ڪيو هو. جنهن کانپوءِ پابندين جي 36 دورن دوران 2 هزار …
نيوزيلينڊ پاران روس جي حمايت ڪندڙن خلاف نئين پابندين جو اعلان
ويلنگٽن- 08 آگسٽ (اي پي پي) نيوزيلينڊ، يوڪرين خلاف روسي جنگ جي حمايت ڪندڙ ماڻهن ۽ ادارن خلاف نئين پابندين جو اعلان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق پرڏيهي وزير ونسٽن پيٽرز طرفان اعلان ڪيل پابندين جي نئين پيڪيج ۾ 33 ماڻهن ۽ ادارن کي نشانو بڻايو ويو آهي. نيوزيلينڊ مارچ 2022ع ۾ روس خلاف پابندين جي قانون کي لاڳو ڪيو هو. جنهن کانپوءِ پابندين جي 36 دورن دوران 2 هزار کان وڌيڪ ماڻهن، ادارن ۽ بحري جهازن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. نيوزيلينڊ جو چوڻ آهي ته نئيون پابنديون به يوڪرين ۾ جاري روسي جنگ جي حمايت ڪندڙ عنصرن تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوششن جو حصو آهن.












