سعودي ولي عهد سان بحرين جي فرمانروا ۽ شام جي صدر جي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه، خطي جي صورتحال تي ڳالهيون

رياض-31 جولاءِ (اي پي پي)سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه ۽ شام جي صدر احمد الشرع ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن دوران خطي جي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب جمعي ڏينهن جاري بيان ۾ سعودي عرب جي ولي عهد سان بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه رابطو ڪيو ٻنهي اڳواڻن …

رياض-31 جولاءِ (اي پي پي)سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه ۽ شام جي صدر احمد الشرع ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن دوران خطي جي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب جمعي ڏينهن جاري بيان ۾ سعودي عرب جي ولي عهد سان بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه رابطو ڪيو ٻنهي اڳواڻن علائقي جي تازي صورتحال سيڪيورٽي صورتحال ۽ استحڪام لاءِ ڪيل ڪوششن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. سعودي ولي عهد شام جي صدر احمد الشرع سان رابطي ۾ مملڪت جي تيل جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ واري واقعي جي مذمت ڪئي. صدر احمد الشرع مملڪت جي سيڪيورٽي ۽ خودمختياري لاءِ شام جي اڻٽٽ حمايت جو به يقين ڏياريو.