صدر آصف علي زرداري پاران سنڌ حڪومت ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشتن ۽ ٻين تعاون تي ٻڌل منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي هدايت

ڪراچي - 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سنڌ حڪومت ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشتن ۽ ٻين تعاون تي ٻڌل منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته سمورن متفقه منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ۽ باقي رهيل ٽيڪنيڪي ۽ انتظامي گهرجون جلد کان جلد مڪمل ڪيون وڃن. اها هدايت هن وزيراعلى هائوس ڪراچي …

ڪراچي – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سنڌ حڪومت ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشتن ۽ ٻين تعاون تي ٻڌل منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته سمورن متفقه منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ۽ باقي رهيل ٽيڪنيڪي ۽ انتظامي گهرجون جلد کان جلد مڪمل ڪيون وڃن. اها هدايت هن وزيراعلى هائوس ڪراچي ۾ منعقد اجلاس ۾ چيني ڪمپني انهوئي نينگٽونگ نيو انرجي ٽيڪنالاجي ڪمپني لميٽيڊ ۽ ليوينگ ماڊرن بائيولوجي گروپ جي وفدن سان ملاقات دوران جاري ڪيون. اجلاس ۾ چين – پاڪستان – آفريقا اقتصادي ۽ واپاري تعاون فروغ ايسوسيئيشن جي معاونت سان مختلف شعبن ۾ جاري تعاون ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ صدر کي اليڪٽرڪ گاڏين جي چارجنگ انفراسٽرڪچر، ويٽرنري ويڪسين، چوپائي مال جي سڃاڻپ ۽ ٽريڪ اينڊ ٽريس نظام، زرعي ٽيڪنالاجي، صحت، فائر سيفٽي اوزارن ۽ ٻين شعبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. کيس سنڌ حڪومت پاران چيني ڪمپنين سان رابطن ۽ منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ کنيل قدمن کان  پڻ آگاهه ڪيو ويو. صدر چيو ته حڪومت چيني سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ادارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي “آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ” کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي تحت اقتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اليڪٽرڪ گاڏين جي چارجنگ اسٽيشنز بابت بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته چيني ڪمپني سنڌ ۾ اي وي چارجنگ اسٽيشنز، شمسي توانائي سان واڳيل چارجنگ سهولتن، توانائي ذخيرو ڪرڻ جي نظام، سمارٽ چارجنگ نيٽ ورڪ، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ تربيت جي منصوبن ۾ دلچسپي رکي ٿي. صدر چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد اليڪٽرڪ گاڏين جي انفراسٽرڪچر جي لاءِ موزون شهر آهن جڏهن ته ڪراچي – حيدرآباد ايم – 9 موٽروي  بين الاضلاعي چارجنگ نيٽ ورڪ جي شروعات جي لاءِ اهم لنگهه ثابت ٿي سگهي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهو تعاون پاڪستان ۾ ماحول دوست ٽرانسپورٽ ۽ نئين توانائي جي شعبي جي ترقي ۾ مددگار ٿيندو. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت ۽ ليوينگ ماڊرن بائيولوجي گروپ جي وچ ۾ ويٽرنري ويڪسين، چوپائي مال جي سڃاڻپ ۽ ٽريڪ اينڊ ٽريس نظام بابت تعاون تي پڻ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ٻڌايو ويو ته آگسٽ ۾ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اينيمل هسبنڊري جو وفد چين جو دورو ڪندو جڏهن ته وات کُر جي بيماري سنڌ – 08 وائرس تي ٽيڪنيڪي ڪم پڻ جاري آهي. صدر کي آگاهه ڪيو ويو ته چين ۽ پاڪستان ۾ ويڪسين جا آزمائشي مرحلا 2026ع تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، جنهن کانپوءِ منصوبي جي لاڳت ۽ عملدرآمد جو حتمي شيڊيول طئي ڪيو ويندو. صدر سنڌ حڪومت ۽ چيني اداري جي وچ ۾ تعاون کي ساراهيندي چيو ته انهن منصوبن ۾ چوپائي مال ۾ بيمارين جي روڪٿام، لائيو اسٽاڪ مئنيجمينٽ، خوراڪ جي تحفظ ۽ ويٽرنري نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن هدايت ڪئي ته سمورا باقي رهيل ٽيڪنيڪي ۽ انتظامي مرحلا جلد مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن منصوبن تي وقت سر عملدرآمد ممڪن ٿئي. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سينيٽر سليم مانڊوي والا، صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري سنڌ، ميئر ڪراچي مرتضى وهاب،  ڊاڪٽر عاصم حسين، ٻين اعلى عملدارن ۽ چيني وفدن جي نمائندن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں