راولپنڊي- 27 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان آمريڪي نمائندن واري ايوان جي ميمبرن ريان ڪيٿ زنڪي ۽ مائيڪل جيمز جي ايڇ ڪيو راولپنڊيءَ ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، علائقائي سلامتي، ٻه طرفي دفاعي سهڪار ۽ اقتصادي سهڪار ۽ خوشحاليءَ کي هٿي وٺرائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سومر …
چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان آمريڪي نمائندن واري ايوان جي ميمبرن جي ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي- 27 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان آمريڪي نمائندن واري ايوان جي ميمبرن ريان ڪيٿ زنڪي ۽ مائيڪل جيمز جي ايڇ ڪيو راولپنڊيءَ ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، علائقائي سلامتي، ٻه طرفي دفاعي سهڪار ۽ اقتصادي سهڪار ۽ خوشحاليءَ کي هٿي وٺرائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سومر تي آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان جي وسيع اقتصادي صلاحيتن کي اجاگر ڪندي چيو ته پائيدار علائقائي استحڪام جو دارومدار اقتصادي، ترقي، واپار کي هٿي وٺرائڻ ۽ علائقائي رابطن تي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪاروبار دوست ماحول جي فراهمي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڍانچه جاتي سڌارن تي عمل ڪري رهيو آهي. آمريڪي وفد علائقائي استحڪام ۽ اقتصادي مضبوطيءَ لاءِ پاڪستان جي اهم ڪردار کي ساراهيو. وفد جي پيشيوراڻن تجربن ۽ بصيرت کي نظر ۾ رکندي ٻنهي طرفان ٻه طرفي اقتصادي تعاون، نجي شعبي جي حصيداري ۽ گڏيل واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي موقعن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي وفد شاندار آڌرڀاءُ ۽ ميزبانيءَ تي عسڪري قيادت جو ٿورو مڃيندي آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ادارا جاتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.










