فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا جي ملاقات

راولپنڊي- 27 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشانِ امتياز (ملٽري)، هلال جرائت سان ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا، هلال امتياز (ملٽري)، ستاره بسالت جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ ملاقات ڪئي. سومر ڏينهن آءِ ايس پي آر جاري بيان موجب جنرل سيد عامر رضا، هلال امتياز (ملٽري)، ستاره بسالت کي ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ …

راولپنڊي- 27 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشانِ امتياز (ملٽري)، هلال جرائت سان ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا، هلال امتياز (ملٽري)، ستاره بسالت جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ ملاقات ڪئي. سومر ڏينهن آءِ ايس پي آر جاري بيان موجب جنرل سيد عامر رضا، هلال امتياز (ملٽري)، ستاره بسالت کي ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ مقرر ٿيڻ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. جنرل سيد عامر رضا شهيدن جي يادگار تي گلن جا چادر چاڙهي ۽ وطن خاطر پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ فاتحه خواني ڪئي. بعد ۾ ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل هيڊ ڪوارٽز (جي ايڇ ڪيو) ۾ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشانِ امتياز (ملٽري) هلال جرائت سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، جنرل سيد عامر رضا کي نيون ذميداريون سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون.

مزید خبریں