اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ سومر ڏينهن ناڻي واري وزارت ۾ ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ٿيو. اي سي سي ناڻي واري وزارت طرفان پيش ڪيل سمريءَ تي غور ڪندي روانگي واپار ۾ واڌ لاءِ 3 خصوصي ايڪسپورٽ فنانس سبسڊي اسڪيمن جي منظوري ڏني. ان ۾ ايگزم بئنڪ تحت ايڪسپورٽ فنانس …
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ سومر ڏينهن ناڻي واري وزارت ۾ ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ٿيو. اي سي سي ناڻي واري وزارت طرفان پيش ڪيل سمريءَ تي غور ڪندي روانگي واپار ۾ واڌ لاءِ 3 خصوصي ايڪسپورٽ فنانس سبسڊي اسڪيمن جي منظوري ڏني. ان ۾ ايگزم بئنڪ تحت ايڪسپورٽ فنانس اسڪيم ۾ واڌ، نئين لانگ ٽرم ايڪسپورٽ گروٿ فنانس فيسلٽي جو جاري ڪرڻ ۽ روانگي واپار ۾ واڌ تي ڪارڪردگي سان مشروط ريبيٽ اسڪيم شامل آهي. ان روانگي واپار جو پيڪيج روانگي واپار ۽ آمدني واپار جي شعبن لاءِ گهٽ وياج واري شرح تي مالي معاونت فراهم ڪندو، جڏهن ته وچولي ۽ ننڍي درجي جي ڪاروباري ادارن کي خصوصي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ڪميٽي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي ته ڄاڻايل اسڪيمن جي نتيجن جو جائزو وٺڻ لاءِ 6 مهينن کانپوءِ ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. اي سي سي توانائي واري وزارت جي سمري تي غور ڪندي آزاد بجلي گهرن جي ڊولپرز ۽ وڏن يوٽيلٽي شيئر هولڊرز طرفان داخل عالمي ٽياڪڙي ڪيسن جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ 4 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري به ڏني. ڪميٽيءَ پاور ڊويزن جي هڪ ٻي سمريءَ جي منظوري ڏيندي بند ڪيل جنريشن ڪمپنين کي پينشنرز کي ان جي لاڳاپيل بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين سان ڳنڍڻ جي منظوري ڏني ته جيئن سندن پينشن ۽ ٻين رٽائرمينٽ جي فائدن جي ادائگي يقيني بڻائي سگهجي. اي سي سي پيٽروليم واري وزارت جي سمريءَ تي غور ڪندي رحمان-8 ايس ٽي-3 کوهن ۾ موجود پاب ذخيري کي ٽائٽ گيس (ڳولا ۽ پيداوار) پاليسي 2011ع تحت ٽائٽ گيس ذخيرو قرار ڏيڻ جي به منظوري ڏني. اجلاس ۾ سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقيءَ واري وزارت طرفان پيش ڪيل ايمپلائز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن جي مالي سال 26-2025ع جي بجيٽ ڪاٿن ۽ مالي سال 25-2024ع جي نظرثاني ٿيل بجيٽ ڪاٿن جي پڻ منظوري ڏني. اي سي سي پيٽروليم واري وزارت جي هڪ ٻي سمري جي منظوري ڏيندي اپريل، مئي ۽ـ جون 2026ع دوران ايس اين جي پي ايل جي نيٽ ورڪ سان آر ايل اين جي تي هلندڙ بجلي گهرن جي فراهم ڪيل مقامي گيس جي ٽيرف جي تعين جي به منظوري ڏني.










