اسلام آباد - 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين ۽ ناليواري ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر پرويز بٽ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ڊاڪٽر پرويز بٽ کي قومي دفاع، ائٽمي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي فروغ جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين ۽ ناليواري ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر پرويز بٽ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين ۽ ناليواري ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر پرويز بٽ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ڊاڪٽر پرويز بٽ کي قومي دفاع، ائٽمي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي فروغ جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڊاڪٽر پرويز بٽ پاڪستان جي ائٽمي پروگرام کي مضبوط بنياد فراهم ڪرڻ ۽ سائنسي پاڻڀرائپ جي فروغ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو، مرحوم جون قومي خدمتون سدائين عزت ۽ احترام سان ياد رکيون وينديون. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلى مقام ڏي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.










