تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد محمود صديقي جي مائيڪل جيمز بامگارٽنر ۽ ريان ڪيٿ زنڪي سان ملاقاتون، پاڪ- آمريڪي تعليمي تعاون ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار

اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد محمود صديقي آمريڪا جي رياست واشنگٽن جي پنجين ڪانگريشنل ضلعي نمائندي ڪانگريس مين مائيڪل جيمز بامگارٽنر ۽ رياست مونٽانا جي پهرين ڪانگريشنل ضلعي نمائندي ۽ اڳوڻي آمريڪي گهرو وزير ڪانگريس مين ريان ڪيٿ زنڪي سان ٻه طرفي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سائبر سيڪيورٽي جي تعليم ۽ سگهه ۾ واڌ جي شعبي ۾ تعاون جي …

اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد محمود صديقي آمريڪا جي رياست واشنگٽن جي پنجين ڪانگريشنل ضلعي نمائندي ڪانگريس مين مائيڪل جيمز بامگارٽنر ۽ رياست مونٽانا جي پهرين ڪانگريشنل ضلعي نمائندي ۽ اڳوڻي آمريڪي گهرو وزير ڪانگريس مين ريان ڪيٿ زنڪي سان ٻه طرفي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سائبر سيڪيورٽي جي تعليم ۽ سگهه ۾ واڌ جي شعبي ۾ تعاون جي موقعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريندي ڊجيٽل سيڪيورٽي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ شاگردن ۽ پيشيور ماڻهن کي جديد مهارتن سان تيار ڪرڻ جي اِرادي سان سائبر سيڪيورٽيءَ جي خصوصي ڪورسز ۽ سرٽيفڪيشن پروگرام تيار ڪيا وڃن. ٻنهي ڌُرين پاڪستان ۽ آمريڪا جي تعليمي ادارن وچ ۾ نصاب جي تياري، فيڪلٽي تعاون، گڏيل تحقيق ۽ سائبر سيڪيورٽي سميت ٻين اُڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ علمي مٽاسٽا کي هٿي وٺرائڻ ۾ دلچسپيءَ جو اظهار يڪو. وفاقي وزير آمريڪي ڪانگريسي وفد کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سندن پاڪستان جو دؤرو ۽ آمريڪا سان پُراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پاڪستان حڪومت ان عزم کي ورجايو ته آمريڪا سان لاڳاپا ان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو اهم ٿنڀ آهن ۽ ان ڳالهه تي اطمينان جو اظاهر ڪيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مثبت رُخ تي اڳتي وڌي رهيا آهن. ٻنهي طرفان ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته اعليٰ سطحي رابطن جو تسلسل برقرار رکيو وڃي ته جيئن واپار، سيڙپڪاري، توانائي، معدني وسيلن، صحت، تعليم ۽ زراعت سميت گڏيل دلچسپيءَ جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏئي سگهجي. وفاقي زوير ڪانگريسي وفد جي دؤرن جي بحاليءَ جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته اهڙي مٽاسٽا مستقبل ۾ به باقاعدگيءَ سان جاري رهندي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته تعليمي تعاون پاڪستان ۽ آمريڪا جي ٻه طرفن ناتن جي بنيادن مان هڪ اهم ٿنڀ آهي. وفاقي وزير فل برائٽ پروگرام ۽ آمريڪا جي ٻين تعليمي مٽاسٽا جي پروگرامن جي ڪاميابيءَ کي ساراهيو، جيڪو مڪمل طور تي فنڊڊ، ميرٽ تي ٻَڌل ۽ سڄي پاڪستان جي شاگردن ۽ محققن لاءِ آمريڪا پاڪستان تعليمي فائونڊيشن ذريعي دستياب آهن. هنن سمورن صوبن ۽ مختلف تعليمي شعبن خاص ڪري توانائي، پاڻي، زراعت، صحت، تعليم ۽ موسمياتي تبديليءَ بابت مطالعي ۾ وڌ کان وڌ شرڪت جي حوصله افزائي ڪئي. ان موقعي تي ٻُڌايو ويو ته 44 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني آمريڪي حڪومت جي مختلف تعليمي مٽاسٽا جي پروگرامن مان لاڀ پرائي چڪا آهن، جيڪي انساني وسيلن جي ترقي ۽ عوامي رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم سيڙپڪاريءَ جي عڪاسي ڪن ٿا. وفاقي وزير پاڪستان ۽ آمريڪا جي يونيورسٽين ۽ تحقيقي اارن وچ ۾ مضبوط حصيداريءَ ذيعي تعليمي تعاون کي محفوظ، مستحڪم ۽ وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. ٻنهي ڌُرين گڏيل تحقيقي مرڪزن، ٻٽي ڊگري پروگرامز، فيڪلٽي مٽاسٽا ۽ صحت، موسمياتي لچڪ، آبي وسيلن جي انتظام، غذائي تحفظ ۽ استادن جي تربيت جي شعبن ۾ گڏيل قدمن جي امڪانن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي قانوني ۽ ضابطه جاتي فريم ورڪ جو مڪمل احترام يقيني بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان کان علاوه سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبن ۾ به تعاون وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون، ته جيئن مختلف چئلينجز کي مُنهن ڏئي سگهجي ۽ ۽ پائيدار ترقيءَ کي هٿي وٺرائي سگهجي. اهم ۽ حساس ٽيڪنالاجيز جي تحفظ ۽ اميگريشن ۽ ويزا پاليسين ۾ ٿيل تبديلين جي روشنيءَ ۾ وفاقي وزير چيو ته آمريڪي يونيورسٽيون ۽ صنعتون اڃا به عالمي اسٽيم صلاحيتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿيون. هن ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي ميدان ۾ ڀروسي جوڳو حصيدار بڻجڻ لاءِ تيار آهي ۽ پاڪستاني ٽيڪنالاجي ڪمپنيون، تعليمي ادارن ۽ انهن جي آمريڪي حصيدارن وچ ۾ آءِ ٽي، فِن ٽيڪ ۽ ايگري ٽيڪ جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏني ويندي. ملاقات ۾ هدي تعليمي چُرپر جي پروگرام، مختصر مُدي جي تحقيقي مٽاسٽا، ورچوئل ليبارٽريز ۽ گڏيل جدت طرازي جي مرڪزن جي قيام جي امڪانن تي به غور ڪيو ويو ته جيئن تحقيق، ڪاروباري، جدت ۽ مهارتن جي ترقيءَ کي هٿي ڏئي سگهجي. ٻنهي ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته تعليم، وظيفن ۽ جدت طرازي ٻه طرفي تعاون کي مضبوط بنائڻ ۽ گڏيل اعتماد ۽ افهام و تفهيم کي هٿي ڏيڻ جا مؤثر ذريعا شامل آهن.

مزید خبریں