وفاقي وزير محسن نقوي پاران ڪيپٽن محمد سرور شهيد کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، نشانِ حيدر حاصل ڪندڙ پهرين عظيم پُٽ ڪيپٽن محمد سرور شهيد کي سندس يوم شهادت تي شاندار لفظن ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. گهرو وزير محسن نقوي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد، وطن عزيز جي دفاع لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري هڪ لازوال تاريخ لکي ۽ نئين نسل لاءِ …

اسلام آباد- 27 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، نشانِ حيدر حاصل ڪندڙ پهرين عظيم پُٽ ڪيپٽن محمد سرور شهيد کي سندس يوم شهادت تي شاندار لفظن ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. گهرو وزير محسن نقوي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد، وطن عزيز جي دفاع لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري هڪ لازوال تاريخ لکي ۽ نئين نسل لاءِ هڪ عظيم مثال قائم ڪيو. سندس جرائت، بهادري ۽ قرباني هميشه قوم لاءِ مشعل راهه رهندي، جڏهن ته سندس اهو جذبو تاريخ ۾ هميشه سنهري اکرم سان ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان جا شهيد اسان جو فخر ۽ قومي وقار جي علامت آهن، قوم پنهنجي بهادر شهيدن جي عظيم قربانين کي ڪڏهن به وِساري نٿي سگهي، پاڪستان جي سلامتي ۽ استحڪام سندن شهيدن جي قربانين جو ثمر آهي ۽ وطن جي دفاع ۾ جانيون قربان ڪندڙ ئي قوم جا حقيقي محسن آهن، قوم پنهنجي شهيدن سان گڏوگڏ انهن جي گهرڀاتين جي قربانين کي به عظمت جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ کين سلام پيش ڪري ٿي.

مزید خبریں