بيلجئيم جي سائيڪلسٽ ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس جو 16 هون مرحلو کٽي ورتو

پيرس- 22 جولاءِ (اي پي پي) بيلجئيم جي سائيڪلسٽ ريمڪو ايوينيپول ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس جو 16 هون مرحلو کٽي ورتو. اها سندس مسلسل ٻي اسٽيج فتح آهي . دفاعي چيمپئن چار اسٽيج ڪاميابيون ڪري چڪو آهي. هن ٽورڊي فرانس سائيڪلنگ ريس جي ڇهين مرحلي ۾ شاندار فتح حاصل ڪري پنجون ڀيرو ٽائٽل کٽڻ طرف قدم وڌايو هو ۽ ريس جي ليڊر يلوجرسي تي ٻيهر قبضو به حاصل ڪري ورتو …

پيرس- 22 جولاءِ (اي پي پي) بيلجئيم جي سائيڪلسٽ ريمڪو ايوينيپول ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس جو 16 هون مرحلو کٽي ورتو. اها سندس مسلسل ٻي اسٽيج فتح آهي . دفاعي چيمپئن چار اسٽيج ڪاميابيون ڪري چڪو آهي. هن ٽورڊي فرانس سائيڪلنگ ريس جي ڇهين مرحلي ۾ شاندار فتح حاصل ڪري پنجون ڀيرو ٽائٽل کٽڻ طرف قدم وڌايو هو ۽ ريس جي ليڊر يلوجرسي تي ٻيهر قبضو به حاصل ڪري ورتو هو جيڪو اڃان تائين برقرار آهي . بي بي سي مطابق اسپين جي شهر بارسلونا کان ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس جي 113 هين ايڊيشن جي شروعات ٿي چڪي آهي ، جنهن ۾ سڄي دنيا جي 23 ٽيمن جا مشهور سائيڪل سوار ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن . ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس جو انفرادي ٽائم ٽرائل 16 هين مرحلي ۾ سائيڪل سوارن کي 26.1 ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪرڻو هو. 26 سالن جي بيلجيئم جي سائيڪلسٽ بهترين سائيڪلنگ جو مظاهرو ڪندي 26.1 ڪلوميٽر جو مفاصلو 32 منٽن ۽ 18 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري پوزيشن حاصل ڪئي . ٽيم يو اي اي ايمريٽس ايڪس آر جي جو 27 سالن جو سلوينيا جو سائيڪلسٽ تڊيج پوگا آر ٻي جڏهن ته 25 سالن جو ڊينمارڪ جو سائيڪل سوار ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس 21 مرحلن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ سائيڪل سوار 3320.7 ڪلوميٽرن جو سفر طئي ڪندا. ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس ۾ 23 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ايڪشن ۾ آهن. ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس 24 ڏينهن جاري رهڻ بعد 26 جولاءِ تي ختم ٿيندي . ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس ۾ ٽيم يو اي اي ايمريٽس ايڪس آر جي 27 سالن جو سائيڪلسٽ پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس جو پهريون ايڊيشن پهريون ڀيرو 1903ع ۾ ٿيو جيڪو فرانس جي سائيڪل سوار مورس فرانس گارين کٽيو هو.

مزید خبریں