ڊيوڊ وارنر ڊرائيونگ دوران شراب پيئڻ جو ڏوهه قبول ڪري ورتو، ڪپتاني خطري ۾ پئجي ويس

سڊني- 22 جولاءِ (اي پي پي) سڊني ٿنڊر جي مشهور ڪپتان ڊيوڊ وارنر ڊرائيونگ دوران شراب پيئڻ جو ڏوهه قبول ڪري ورتو آهي، جنهن بعد ٽيم ۾ سندس ڪپتاني جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقامي ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ڊيوڊ وارنر طرفان سندس وڪيل ميڊيا ۽ عدالت کي ٻڌايو ته سندس موڪل ايسٽر جي موقعي تي شراب پي گاڏي هلائڻ جو ڏوهه قبول ڪري ورتو …

سڊني- 22 جولاءِ (اي پي پي) سڊني ٿنڊر جي مشهور ڪپتان ڊيوڊ وارنر ڊرائيونگ دوران شراب پيئڻ جو ڏوهه قبول ڪري ورتو آهي، جنهن بعد ٽيم ۾ سندس ڪپتاني جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقامي ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ڊيوڊ وارنر طرفان سندس وڪيل ميڊيا ۽ عدالت کي ٻڌايو ته سندس موڪل ايسٽر جي موقعي تي شراب پي گاڏي هلائڻ جو ڏوهه قبول ڪري ورتو آهي. 39 سالن جي آسٽريلوي بيٽسمين ڊيوڊ وارنر کي 5 اپريل تي سڊني ۾ پوليس روڊ سائيڊ چيڪنگ دوران روڪيو ۽ پوليس اسٽيشن تي معائني دوران سندس رت ۾ الڪوحل جو مقدار قانوني حد کان ٻيڻ کان به وڌيڪ 0.104 جي ستح تي مليو. ڊيوڊ وارنر جي وڪيل ٻڌايو ته ڊيوڊ وارنر کي پنهنجي ان فيصلي تي شديد افسوس آهي ۽ هو سمجهي ٿو ته هن هڪ انتهائي غير ذميوارڻو ۽ غلط قدم کنيو. عدالت طرفان سندس سزا جو فيصلو 19 آگسٽ تي ٻڌايو ويندو، ڪرڪٽ نيو سائوٿ ويلز جي چيف ايگزيڪيوٽو ان واقعي کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي چيو ته سندس ادارو محفوظ ڊرائيونگ جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ شراب پي ڪري ڊرائيونگ ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪري ٿو.

مزید خبریں