ميڊرڊ- 21 جولاءِ (اي پي پي) اسپين جي قومي فٽ بال ٽيم جو ميڊرڊ ۾ اوپن بس پريڊ دوران 20 لک مداحن شاندار استقبال ڪيو، نيو جرسي ۾ کيڏيل 23هين فيفا ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ ۾ ارجنٽائن کي اضافي وقت ۾ 1-0 تان مات ڏيڻ کانپوءِ ميڊرڊ پهچڻ تي ٽيم جو بادشاهه ۽ وزيراعظم پيڊرو سانچيز سرڪاري استقبال ڏنو جنهن کان پوءِ رانديگرن مونڪلوا پيلس مان بس ۾ سفر شروع ڪيو ۽ روڊن جي ٻنهي طرف 18 لک کان …
اسپين جي عالمي ڪپ جي فتح جو اٽڪل 20 لک مداحن ميڊرڊ ۾ جشن ملهايو

مزید خبریں
ميڊرڊ- 21 جولاءِ (اي پي پي) اسپين جي قومي فٽ بال ٽيم جو ميڊرڊ ۾ اوپن بس پريڊ دوران 20 لک مداحن شاندار استقبال ڪيو، نيو جرسي ۾ کيڏيل 23هين فيفا ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ ۾ ارجنٽائن کي اضافي وقت ۾ 1-0 تان مات ڏيڻ کانپوءِ ميڊرڊ پهچڻ تي ٽيم جو بادشاهه ۽ وزيراعظم پيڊرو سانچيز سرڪاري استقبال ڏنو جنهن کان پوءِ رانديگرن مونڪلوا پيلس مان بس ۾ سفر شروع ڪيو ۽ روڊن جي ٻنهي طرف 18 لک کان به وڌيڪ مداح موجود هيا، رات جو 10 وڳي کان پلازا ڊي سيبيلس پهتا جتي وڌيڪ هڪ لک 20 هزار مداح ڪلاڪن کان سندن انتظار ڪري رهيا هيا. شديد گرمي باوجود رانديگرن واري واري سان عالمي ڪپ جي ٽرافي هٿن ۾ کڻي ڪري مداحن سان گڏجي گانا ڳايا جڏهن ته خوشين جي ان ماحول ۾ هڪ افسوسناڪ واقعي دوران 13 سالن جو مداح فوت ٿي ويو جڏهن ته بار سلونا ۾ جهيڙي دوران ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 30 ماڻهن کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.











