نيو جرسي- 20 جولاءِ (اي پي پي) اسپين جي سبسٽٽيٽوٽ رانديگر طور ميدان ۾ آيل فارورڊ رانديگر فيران ٽوريس چيو آهي ته عالمي ڪپ جي ڪاميابي اسپين جي قسمت ۾ لکيل هئي جنهن جو ثبوت اضافي وقت ۾ سندس اهو گول آهي جنهن 10 رانديگرن تي محدود ارجنٽائن خلاف 1-0 تان ڪاميابي حاصل ڪئي .پرڏيهي ميڊيا موجب 23هين فيفا ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ جي 62 هين منٽ ۾ مائيڪل …
قسمت عالمي ڪپ جي فائنل ۾ اسپين جو ساٿ ڏنو : فيران ٽوريس

مزید خبریں
نيو جرسي- 20 جولاءِ (اي پي پي) اسپين جي سبسٽٽيٽوٽ رانديگر طور ميدان ۾ آيل فارورڊ رانديگر فيران ٽوريس چيو آهي ته عالمي ڪپ جي ڪاميابي اسپين جي قسمت ۾ لکيل هئي جنهن جو ثبوت اضافي وقت ۾ سندس اهو گول آهي جنهن 10 رانديگرن تي محدود ارجنٽائن خلاف 1-0 تان ڪاميابي حاصل ڪئي .پرڏيهي ميڊيا موجب 23هين فيفا ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ جي 62 هين منٽ ۾ مائيڪل اوئرزابال جي بدارن ميدان ۾ آيل فيران ٽوريس 106 هين منٽ ۾ نڪووليمز جي پاس تي بال کي نيٽ ۾ پهچائي اسپين کي 2010 ع کانپوءِ ٻيو عالمي ڪپ ٽائٽل ڏياري ڇڏيو. فائنل کان اڳ ٽورنامينٽ ۾ هڪ به گول نه ڪندڙ بارسلونا جي فارورڊ رانديگر چيو ته اهو گول رڳو سندس جو نه پر اسپين جي 4 ڪروڙ 70 لک عوام جي اجتماعي ڪوشش جو نتيجو آهي. هن اعتراف ڪيو ته فائنل ۾ ليونل ميسي جي ارجنٽائن سان مقابلو هڪ وڏو چئلينج هيو. هر ڪو ڳڻتي ۾ هيو پر ٽيم پنهنجي راند جي انداز تي اعتماد رکيو ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي. ٽورنامينٽ دوران شديد تنقيد جو نشانو بڻجندڙ 26 سالن جي رانديگر چيو ته گول ڪرڻ کانپوءِ هن دلي سڪون محسوس ڪيو آهي.











