لاهور-17 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان قومي ٽيسٽ ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف ايندڙ ٽيسٽ سيريز جي تيارين جي سلسلي ۾ ٽرينيڊا ادا ينڊٽوباگو ۾ واقع ڪوئنز پارڪ ڪرڪيٽ ڪلب ۾ ڀرپور پريڪٽس سيشن ڪيو. پي سي بي جي ترجمان مطابق تربيتي سيشن دوران قومي رانديگرن بيٽنگ ۽ بالنگ جي نيٽ پريڪٽس ۾ حصو ورتو ۽ پنهنجي مهارتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏنو. هيڊ ڪوچ سرفراز احمد ۽ بيٽنگ …
قومي ٽيسٽ ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف ايندڙ ٽيسٽ سيريز جي تيارين جي سلسلي ۾ پريڪٽس سيشن ڪيو: پي سي بي ترجمان
لاهور-17 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان قومي ٽيسٽ ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف ايندڙ ٽيسٽ سيريز جي تيارين جي سلسلي ۾ ٽرينيڊا ادا ينڊٽوباگو ۾ واقع ڪوئنز پارڪ ڪرڪيٽ ڪلب ۾ ڀرپور پريڪٽس سيشن ڪيو. پي سي بي جي ترجمان مطابق تربيتي سيشن دوران قومي رانديگرن بيٽنگ ۽ بالنگ جي نيٽ پريڪٽس ۾ حصو ورتو ۽ پنهنجي مهارتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏنو. هيڊ ڪوچ سرفراز احمد ۽ بيٽنگ ڪوچ اسد شفيق جي نگراني ۾ بيٽسمينن بيٽنگ سيشن دوران پنهنجي فني خامين تي ڪم ڪيو ۽ مختلف صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مشقون ڪيون. ٻي طرف بالنگ ڪوچ عمر گل بالرز کي هدف تي ٻَڌل بالنگ مشقون ڪرايون ته جيئن اهي پنهنجي لائن، لينٿ ۽ درستگي ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهن. نيٽ سيشن کان اڳ قومي رانديگرن فيلڊنگ ڊرلز ۾ به حصو ورتو، جتي ڪيچنگ، گرائونڊ فيلڊنگ ۽ ڦڙتي وڌائڻ بابت مختلف مشقون ڪرايون ويون. ٽيم انتظاميه کي اميد آهي ته اها تياري قومي ٽيم کي ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.












