ايٽلانٽا- 16 جولاءِ(اي پي پي) دفاعي چيمپئين ارجنٽائن 23 هين فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي ٻئي سيمي فائنل ۾ دلچسپ ميچ دوران آخري منٽن ۾ شاندار ڪم بيڪ ڪندي انگلينڊ کي 2-1 تان شڪست ڏئي لڳاتار ٻيو ڀيرو فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب انگلينڊ جي ٽيم جو 60 سالن جو خواب ٽٽي پيو. ارجنٽائن جي اينزو جيريمياس فرنانڊيز ۽ لاوٽاروجيويرمارٽنيز هڪ هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار …
23 هين فيفا ورلڊ ڪپ جو ٻيو سيمي فائنل، ارجنٽائن انگلينڊ کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو
ايٽلانٽا- 16 جولاءِ(اي پي پي) دفاعي چيمپئين ارجنٽائن 23 هين فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي ٻئي سيمي فائنل ۾ دلچسپ ميچ دوران آخري منٽن ۾ شاندار ڪم بيڪ ڪندي انگلينڊ کي 2-1 تان شڪست ڏئي لڳاتار ٻيو ڀيرو فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب انگلينڊ جي ٽيم جو 60 سالن جو خواب ٽٽي پيو. ارجنٽائن جي اينزو جيريمياس فرنانڊيز ۽ لاوٽاروجيويرمارٽنيز هڪ هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انگلينڊ پاران انٿوني مائيڪل گورڊن گول ڪيو. هن شڪست کان پوءِ انگلش ٽيم هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي ٽائٽل جي خواب کان محروم رهجي وئي. ايٽلانٽا ۾ کيڏيل هڪ دلچسپ ميچ ۾ ٿامس ٽوخيل جي اڳواڻي ۾ انگلينڊ ڊگهي عرصي کان پوءِ پنهنجي پهرين مردن جي ورلڊ ڪپ فائنل (1966 کان پوءِ) تائين پهچڻ جي ويجهو نظر اچي رهيو هو. سخت ميچ جي پهرين هاف ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ جارحاڻي راند ڏسڻ ۾ آئي آمريڪي ريفري اسماعيل الفتح کي ميچ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ به مشڪلاتون پيش آيون. پهرين هاف ۾ دفاعي چيمپئين ارجنٽائن جي ايزو فرنانڊز هڪ خطرناڪ شاٽ کيڏيو جيڪو ٿوري فرق سان هدف کان ٻاهر ويو، پر ٻئي ٽيمون وقفي تائين گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون. ميچ جي 55 هين منٽ ۾ انگلينڊ برتري حاصل ڪئي جڏهن مورگن راجرز ساڄي پاسي کان هڪ شاندار ڪراس ڏنو ۽ اينٿوني گورڊن بال کي پري پوسٽ تي نيٽ ۾ وجهي ڇڏيو، جنهن سان سندس ٽيم انگلينڊ کي ارجنٽائن خلاف 0-1 جي برتري حاصل ٿي. گول کان پوءِ، ارجنٽائن انگلينڊ جي گول ڪيپر تي مسلسل حملا شروع ڪيا. نيڪو گونزاليز جي خطرناڪ هيڊر کي انگلينڊ جي گول ڪيپر جارڊن پڪفورڊ هڪ غير معمولي ريفلڪس سيو ذريعي روڪي ڇڏيو جڏهن ته اليڪسس ميڪ ايلسٽر جو هيڊر پوسٽ تي لڳي ويو. آخرڪار ارجنٽائن کي 85 هين منٽ ۾ ميچ برابر ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن جو ڀرپورو فائدو وٺندي اينزو فرنانڊز ليونل ميسي جي پاس جو فائدو ورتو ۽ بال کي تقريباً 25 گز کان پري شاندار شاٽ لڳائي بال کي نيٽ ۾ اڇلائي اسڪور 1-1 تان برابر ڪيو. برابري جي گول کان پوءِ ارجنٽائن جو دٻاءُ وڌيڪ وڌي ويو. ميڪ ايلسٽر جي هڪ ٻي ڪوشش ضايع ٿي وئي، جڏهن ته انوري ٽائيم جي 92 هين منٽ ۾، ليونل ميسي هڪ بهترين ڪراس ڏنو، جنهن تي لاوتارو مارٽينيز هڪ بهترين هيڊر سان فيصلو ڪندڙ گول ڪيو، جنهن سان ارجنٽائن کي 2-1 جي تاريخي فتح ملي. هن ڪاميابي سان ارجنٽائن مسلسل ٻيو ڀيرو ورلڊ ڪپ جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو هاڻي آچر تي اسپين سان مقابلو ٿيندو. ٻئي پاسي انگلينڊ هاڻي ٽئين پوزيشن جي ميچ ۾ فرانس سان مقابلو ڪندو.











