ناروي جي سائيڪل سوار ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس جو 11 هون مرحلو کٽي ورتو

پيرس _16 جولاءِ (اي پي پي) ناروي جي سائيڪل سوار سورن ويرنسڪيولڊ ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس جو 11هون مرحلو کٽي ورتو آهي.دفاعي چيمپئين تڊيج پوگا آر، ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس جي ڇهين مرحلي ۾ شاندار فتح حاصل ڪري رڪارڊ پنجون ڀيرو ٽائٽل کٽڻ طرف قدم وڌائي ڇڏيو هو ۽ ريس جي ليڊر جي ييلو جرسي تي ٻيهر قبضو حاصل ڪري ورتو هو جيڪو اڃان تائين برقرار آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق …

پيرس _16 جولاءِ (اي پي پي) ناروي جي سائيڪل سوار سورن ويرنسڪيولڊ ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس جو 11هون مرحلو کٽي ورتو آهي.دفاعي چيمپئين تڊيج پوگا آر، ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس جي ڇهين مرحلي ۾ شاندار فتح حاصل ڪري رڪارڊ پنجون ڀيرو ٽائٽل کٽڻ طرف قدم وڌائي ڇڏيو هو ۽ ريس جي ليڊر جي ييلو جرسي تي ٻيهر قبضو حاصل ڪري ورتو هو جيڪو اڃان تائين برقرار آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسپين جي شهر بارسلونا کان ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس جي 113 هين ايڊيشن  جي شروعات ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ سڄي دنيا جي سائيڪل جي  23 ٽيمن جا مشهور سائيڪل سوار ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ مصروف آهن. ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس جي 11هين مرحلي ۾ سائيڪل سوارن فرانس ۾ ويشي کان نيورس تائين جو 161.3 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪرڻو هو. ٽيم يونوايڪس موبلٽي جي 26 سالن جي ناروي جي سائيڪل سوار سورن ويرنسڪيولڊ شاندار سائيڪلنگ جو مظاهرو ڪندي 161.3 ڪلوميٽرن جو مفاصلو 3 ڪلاڪ 10 منٽ ۽ 06 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. نيڌرلينڊز جي 24 سالن جي سائيڪل سوار اولاوڪوئج ٻي پوزيشن جڏهن ته 28 سالن  جي بيلجيئم جي سائيڪل سوار جيسپر فلپسن ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. ٽيم يو اي اي ايمريٽس ايڪس آرجي جي 27 سالن جي سائيڪل سوار ڇهين مرحلي ۾ فتح سان ٻيهر ييلوجرسي تي قبضو ڪري ورتو هو جيڪو اڃان تائين برقرار آهي. ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس 21 مرحلن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ سائيڪل سوار 3320.7 ڪلوميٽرن جو سفر طئي ڪندا . ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس ۾ 23 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ايڪشن ۾ آهن. ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس 24 ڏينهن جاري رهڻ بعد 26 جولاءِ تي ختم ٿيندي. ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس ٽيم يو اي اي ايمريٽس ايڪس آر جي،  جي 27 سالن جي سلوينيا جو سائيڪل سوار تڊيج پوگا آر پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. ٽورڊي فرانس سائيڪل ريس جو پهريون ايڊيشن پهريون ڀيرو  1903 ۾ ٿيو جيڪو فرانس جي سائيڪل سوار مورس فرانس گارين کٽيو هو.