اسپين  فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي فائنل ۾ پهچي ويو 

نيو يارڪ- 15 جولاءِ(اي پي پي) اسپين جي فٽ بال ٽيم فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسپين جي  ٽيم فيفا ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي فرانس جي ٽيم کي 2-0 تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو ۽ ميگا ايونٽ 2026ع جي فائنل ۾ پهچڻ واري پهرين ٽيم بڻجي وئي آهي . فرانس جي مشهور فٽ بالر ۽ ڪپتان ڪيلين ايمباپي جو جادو نه هلي  سگهيو، اسپين پاران اويرزابال ۽ پيڊرو …

نيو يارڪ- 15 جولاءِ(اي پي پي) اسپين جي فٽ بال ٽيم فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسپين جي  ٽيم فيفا ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي فرانس جي ٽيم کي 2-0 تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو ۽ ميگا ايونٽ 2026ع جي فائنل ۾ پهچڻ واري پهرين ٽيم بڻجي وئي آهي . فرانس جي مشهور فٽ بالر ۽ ڪپتان ڪيلين ايمباپي جو جادو نه هلي  سگهيو، اسپين پاران اويرزابال ۽ پيڊرو پورو هڪ – هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اي ٽي اينڊ ٽي اسٽيڊيم، آرلنگٽن، آمريڪا ۾ کيڏيل ميگا ايونٽ جي پهرين سيمي فائنل ميچ ۾ اسپين شروعات کان ئي اڳوڻي عالمي چيمپئين فرانس جي ٽيم خلاف جارحاڻي راند کيڏي ۽ انهن جي گول پوسٽ تي لڳاتار گول ڪرڻ جا حملا ڪيا، جڏهن ته، ميچ شروع ٿيڻ بعد 24 هين منٽ ۾ اويرزابال مليل پينلٽي جو پورو فائدو ورتو ۽ گول ڪري پنهنجي ٽيم کي فرانس خلاف 1-0 جي برتري ڏياري. اهڙي طرح اسپين جي فٽبال ٽيم کي پهرين هاف ۾ فرانس تي 1-0 جي برتري رهي . ٻئي هاف ۾ اسپين جي ٽيم فرانس تي حاوي رهي  ۽ 58 هين منٽ ۾ پيڊروپورو هڪ گول ڪري مقابلو  2-0 ڪيو جيڪو ميچ جي آخر تائين ساڳيو رهيو. ان ڪاميابي  سان اسپين جي ٽيم 16 سالن کان پوءِ فٽ بال ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ واپس پهتير آهي. آخري ڀيرو اسپين جي ٽيم  2010ع ۾ فائنل ۾ کيڏيو هو، جنهن ۾ عالمي چيمپئين بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي . اهو  اسپين جو ورلڊ ڪپ تاريخ ۾ ٻيون  فائنل هوندو. فرانس جي ٽيم جو لڳاتار  ٽيون ڀيرو ورلڊ ڪپ فائنل کيڏڻ جو خواب پورو نه ٿيو. ياد رهي ته فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جو ٻيو سيمي فائنل کٽندڙ ٽيم جو مقابلو فائنل ۾ اسپين سان ٿيندو.