فرانس جي فٽ بال ٽيم جي ڪوچ ڊيڊير ڊيس چيمپس جي مايوس ڪن الوداعي ميچ

ڊيلاس - 15 جولاءِ (اي پي پي) فرانس جي فٽبال ٽيم جي مئنيجر ڊيڊير ڊيس چيمپس جو شاندار ۽ ڊگهو سفر اهڙي طرح ختم نه ٿي رهيو آهي جيئن هو چاهي پيو. پر کيس هاڻي ايندڙ هفتي کان فيفا ورلڊڪپ جي ٽين پوزيشن جي پلي آف ميچ ۾ پنهنجي ٽيم جي قيادت ڪرڻي پوندي جنهن جو ڪو به خواهشمند ناهي هوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب فرانس جي 57 سالن جي ڊيڊير …

ڊيلاس – 15 جولاءِ (اي پي پي) فرانس جي فٽبال ٽيم جي مئنيجر ڊيڊير ڊيس چيمپس جو شاندار ۽ ڊگهو سفر اهڙي طرح ختم نه ٿي رهيو آهي جيئن هو چاهي پيو. پر کيس هاڻي ايندڙ هفتي کان فيفا ورلڊڪپ جي ٽين پوزيشن جي پلي آف ميچ ۾ پنهنجي ٽيم جي قيادت ڪرڻي پوندي جنهن جو ڪو به خواهشمند ناهي هوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب فرانس جي 57 سالن جي ڊيڊير ڊيس چيمپيس جنهن 1998ع ۾ رانديگر طور ۽ 2018ع ۾ مئنيجر طور ورلڊڪپ کٽيا هئا. سندس ٽيون ڀيرو هي ٽرافي کڻڻ جو خواب فيفا ورلڊڪپ 2026ع جي پهرين سيمي فائينل ۾ اسپين خلاف 2-0  جي شڪست کان پوءِ چڪنا چور ٿي ويو. ڊلاس ۾ کيڏيل ان ميچ ۾ فرانس جي ٽيم صرف 10 شاٽس ئي کيڏيا جيڪي ورلڊڪپ ۾ سندن سڀ کان گهٽ اسڪور هو جڏهن ته پوري ٽورنامينٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ فرانس جي ٽيم ان اهم ترين مقابلي ۾ پنهنجي اميدن تي پورو نه لهي سگهي ۽ ڪپتان ڪيلين ايمباپي جو جادو به نه هليو. اها شڪست فرانس لاءِ انتهائي مايوس ڪن هئي پر ڊيس چيمپيس مئنيجر طور سڀ کان وڌيڪ 26 ورلڊڪپ ميچن جي قيادت ڪرڻ جو هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي. هن جنوري 2025ع ۾ ئي تصديق ڪئي هئي ته هو ان ٽورنامينٽ کان پوءِ پنهنجي عهدي کان الڳ ٿي ويندو. سندس الوداعي ميچ ڇنڇر ڏينهن ميامي ۾ انگلينڊ ۽ ارجنٽائين  وچ ۾ ٿيل ٻي سيمي فائينل جي شڪست کاڌل ٽيم خلاف هوندي. ڊي چيمپس دنيا جي انهن 3 مئنيجرز ۾ شامل آهي جن رانديگر ۽ ڪوچ طور ٻنهي حيثيتن سان ورلڊڪپ کٽيا ۽ هاڻي سندس جڳهه تي فرانس جي اڳووڻي مڊ فيلڊر زيني الدين زيڊان کي ٽيم جو نئون ڪوچ بڻائڻ جا وسيع امڪان آهن جنهن سان مبينه طور تي هلندڙ سال جي شروعات ۾ ئي زباني معاهدو طئي ٿي چڪو آهي.