جميڪا- 14 جولاءِ (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ميچ 17 جولاءِ تي پروويڊنس اسٽيڊيم، گيانا ۾ کيڏي ويندي. نيوزيلينڊ جي ٽيم ويسٽ انڊيز جي دوري تي آهي جتي هوءَ پنج هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن جي سيريز کيڏي رهي آهي. ميزبان ويسٽ انڊيز ۽ مهمان نيوزيلينڊ پنجن ميچن جي سيريز ۾ 1-1 تان …
ويسٽ انڊيز ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽين ون ڊي انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ميچ 17 جولاءِ تي کيڏي ويندي

مزید خبریں
جميڪا- 14 جولاءِ (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ميچ 17 جولاءِ تي پروويڊنس اسٽيڊيم، گيانا ۾ کيڏي ويندي. نيوزيلينڊ جي ٽيم ويسٽ انڊيز جي دوري تي آهي جتي هوءَ پنج هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن جي سيريز کيڏي رهي آهي. ميزبان ويسٽ انڊيز ۽ مهمان نيوزيلينڊ پنجن ميچن جي سيريز ۾ 1-1 تان برابر آهن. بهترين بالنگ آل رائونڊر مچل سينٽنر نيوزيلينڊ کي ليڊ ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ميزبان ٽيم کي شائي هوپ ليڊ ڪري رهيو آهي. ون ڊي سيريز جي ٽين ميچ 17 جولاءِ، چوٿين ميچ 20 جولاءِ جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ 22 جولاءِ تي کيڏي ويندي.










