انجري سبب ويلز جو ڪپتان ڊيوي ليڪ ڏکڻ آفريقا خلاف ٽيسٽ کان ٻاهر، جيڪ مورگن قيادت سنڀاليندو

ڊربن- 14 جولاءِ (اي پي پي) ويلز جو ڪپتان ڊيوي ليڪ گروئن انجري سبب ايندڙ ڇنڇر تي ڏکڻ آفريقا خلاف نيشنز رگبي چيمپئنشپ جي اهم ميچ کان ٻاهر ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق سندس جڳهه تي ريان الياس جي ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جو امڪان آهي. ديوي ليڪ گذريل ميچ ۾ ارجنٽائن خلاف شڪست دوران زخمي ٿي ميدان کان ٻاهر ٿي ويو هو، جنهن بعد ڪپتاني جي ذميواري جيڪ مورگن …

ڊربن- 14 جولاءِ (اي پي پي) ويلز جو ڪپتان ڊيوي ليڪ گروئن انجري سبب ايندڙ ڇنڇر تي ڏکڻ آفريقا خلاف نيشنز رگبي چيمپئنشپ جي اهم ميچ کان ٻاهر ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق سندس جڳهه تي ريان الياس جي ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جو امڪان آهي. ديوي ليڪ گذريل ميچ ۾ ارجنٽائن خلاف شڪست دوران زخمي ٿي ميدان کان ٻاهر ٿي ويو هو، جنهن بعد ڪپتاني جي ذميواري جيڪ مورگن سنڀالي هئي. هاڻي امڪان آهي ته ڏکڻ آفريقا خلاف به مورگن ئي ويلز جي قيادت ڪندو. ويلز جي هيڊ ڪوچ اسٽيوٽينڊي گذريل سال ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ کيڏيل سمورين 11 ٽيسٽ ميچن ۾ ڊيوي ليڪ کي شروعاتي ٽيم ۾ شامل ڪيو هو، پر سندس عدم دستيابي ڪوچ لاءِ وڏو ڌچڪو سمجهو پيو وڃي. ريان الياس 2024ع جي سڪس نيشنز ٽورنامنٽ ۾ اسڪاٽ لينڊ خلاف ميچ بعد پهريون ڀيرو ڪنهن ٽيسٽ ۾ شروعاتي ٽيم جو حصو بڻجڻ وارو آهي، جڏهن ته ايوب لائيڊ کي به هڪ سال کان وڌيڪ عرصي بعد عالمي ميدان ۾ واپسي جو موقعو ملي سگهي ٿو. اضافي ڪور طورايليٽ ڊي کي به ڏکڻ آفريقا روانو ڪرڻ جو امڪان آهي. ويلز کي پنهنجي گذريل ميچ ۾ ارجنٽائن هٿان شڪست بعد عالمي درجه بندي ۾ 12 هين نمبر تي تيزي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريقا خلاف آخري مقابلي ۾ 0-73 جي رڪارڊ شڪست ٿي هئي.

مزید خبریں