گيانا - 13 جولاءِ (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيو ميچ اڱاري تي پروويڊنس اسٽيديم گيانا ۾ کيڏيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب نيوزيلينڊ جي ٽيم هِن وقت ويسٽ انڊيز جي دوري تي آهي جتي هوءَ 5 هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. ميزبان ويسٽ انڊيز کي مهمان نيوزيينڊ خلاف پنجن ميچن جي سيريز …
ويسٽ انڊيز ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٻيو ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچ اڱاري تي کيڏيو ويندو
گيانا – 13 جولاءِ (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيو ميچ اڱاري تي پروويڊنس اسٽيديم گيانا ۾ کيڏيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب نيوزيلينڊ جي ٽيم هِن وقت ويسٽ انڊيز جي دوري تي آهي جتي هوءَ 5 هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. ميزبان ويسٽ انڊيز کي مهمان نيوزيينڊ خلاف پنجن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي. بهترين بالر ۽ آل رائونڊر مچل سينٽنر جي اڳواڻي ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم ميدان ۾ لهندي جڏهن ته ميزبان ٽيم شائي هوپ جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي. ون ڊي سيريز جو ٻيو ميچ 14 جولاءِ، ٽين ميچ 17 جولاءِ، چوٿين ميچ 20 جولاءِ جڏهن ته پنجون ۽ آخري ون ڊي ميچ 22 جولاءِ تي کيڏيو ويندو.











