اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله خان سينيٽ کي ٻُڌايو ته پي ٽي آءِ باني ۽ ان جي گهر واري بشري بي بي جوڊيشل ڪسٽڊي ۾ آهن ۽ انهن جي حراست ۽ سهولتن بابت سمورا معاملا عدالتي حڪمن ۽ جيل قانون موجب اُڪلايا پيا وڃن. سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني ليڊر علي ظفر جي اعتراض واري نُڪتي جو …
پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهر واريءَ جي حراست ۽ سهولتن بابت سمورا معاملا عدالتي حڪمن ۽ جيل قانون موجب اُڪلايا پيا وڃن: رانا ثناءُ الله

مزید خبریں
اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله خان سينيٽ کي ٻُڌايو ته پي ٽي آءِ باني ۽ ان جي گهر واري بشري بي بي جوڊيشل ڪسٽڊي ۾ آهن ۽ انهن جي حراست ۽ سهولتن بابت سمورا معاملا عدالتي حڪمن ۽ جيل قانون موجب اُڪلايا پيا وڃن. سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني ليڊر علي ظفر جي اعتراض واري نُڪتي جو جواب ڏيندي رانا ثناءُ الله چيو ته بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ باني عدالتن مان سزا يافته آهن ۽ هن وقت جوڊيشل ڪسٽڊي ۾ موجود آهن. هن چيو ته حراست ۾ ڏنيون ويندڙ سهولتون ۽ رهائشي حالتن جو معاملو اڳ ئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ سميت اعليٰ عدليه ۾ بحث هيٺ اچي چڪا آهن. رانا ثناءُ الله ٻُڌايو ته سينيئر وڪيل سلمان صفدر کي عدالتي معاون مقرر ڪيو ويو هو، جنهن جيل جو دَورو ڪرڻ بعد پي ٽي آءِ جي باني کي ملندڙ سهولتن ۽ رهائشي حالت بابت رپورٽ پيش ڪئي. هن چيو ته سلمان صفدر جي رپورٽ جيل سپرينٽينڊنٽ جي رپورٽ سان هڪجهڙائي رکي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته بشريٰ بي بي پڻ جوڊيشل ڪسٽڊي ۾ آهي ۽ کيس صحت بابت ڪو مسئلو درپيش هجي ته ان جو علاج جيل انتظاميه ۽ لاڳاپيل ادارن تي لاڳو ٿئي ٿو. رانا ثناءُ الله موجب ضرورت پوڻ تي بشريٰ بي بي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ کيس طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون، جڏهن ته سندس صحت جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪئي وئي. هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر جوڊيشل ڪسٽڊيءَ بابت وڌيڪ سهولتون ۽ انتظام چاهي ٿي ته ان لاءِ مناسب فورم عدالت آهي جيڪا ضروري حڪم جاري ڪري سگهي ٿي. هن مشورو ڏنو ته سينيٽر علي ظفر ان معاملي تي عدالت سان رجوع ڪري سگهي ٿو ۽ حراستي حالتن بابت سمورين رپورٽن ۽ تفصيلن جو جائزو وٺي سگهي ٿو.










