وزيراعظم شهباز شريف کي قطر جي وزيراعظم جي ٽيليفون، خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ جاري سفارتي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد - 07 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ قطر خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ جاري سفارتي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم آل ثاني ٽيليفون ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيندڙ گرمجوش ۽ خوشگوار …

اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ قطر خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ جاري سفارتي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم آل ثاني ٽيليفون ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿيندڙ گرمجوش ۽ خوشگوار ڳالهه ٻولهه دوران خطي جي موجوده صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي طرفن کان خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ جاري سفارتي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. وزيراعظم 16 اپريل تي دوحه جي پنهنجي تازي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني ۽ قطري قيادت سان ملاقاتون خطي ۾ امن جي فروغ جي لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ انتهائي ڪارائتيون ثابت ٿيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام قطر جي امير جي جلد پاڪستان جي دوري جي منتطر آهي ۽ سندس اهو دورو پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. قطر جي وزيراعظم خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف کي يقين ڏياريو ته قطر وچ اوڀر ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي قيادت ۾ جاري سفارتي ڪوششن جي مڪمل حمايت جاري رکندو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجهو رابطو ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.