اسلام آباد - 07 مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي بابت پنهنجي حقن جي تحفظ جي لاءِ معاهدي ۽ عالمي قانون تحت سمورا قانوني ۽ سياسي رستا اختيار ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ چيو ته سمورا آپشنز موجود آهن، ڪجهه قدم اڳ ۾ ئي انڊس واٽرز ڪمشنرز جي ذريعي جاري آهن، اسان …
پاڪستان سنڌ طاس معاهدي بابت پنهنجي حقن جي تحفظ جي لاءِ معاهدي ۽ عالمي قانون تحت سمورا قانوني ۽ سياسي رستا اختيار ڪندو: پرڏيهي آفيس

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي بابت پنهنجي حقن جي تحفظ جي لاءِ معاهدي ۽ عالمي قانون تحت سمورا قانوني ۽ سياسي رستا اختيار ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي پريس بريفنگ ۾ چيو ته سمورا آپشنز موجود آهن، ڪجهه قدم اڳ ۾ ئي انڊس واٽرز ڪمشنرز جي ذريعي جاري آهن، اسان معاهدي تي عملدرآمد جي مسلسل نگراني ڪري رهيا آهيون ۽ درياهن جي وهڪري ۾ ٿيندڙ هر تبديلي کي رڪارڊ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سموريون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته پاڪستان جي حق جو هڪ ڦڙو پاڻي به گهٽ نه ٿئي. ڀارت جي دفاعي نظام ۾ توسيع ۽ عسڪري جدت تي تبصرو ڪندي ترجمان چيو ته پاڪستان خطي ۾ ڀارت جي اسٽريٽجڪ توازن تي اثرن کان باخبر آهي. هن چيو ته پاڪستان جي دفاعي تياري ۽ ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جا قدم ان جي مضبوط دفاعي صلاحيت ۽ ڀارت جي مقابلي ۾ قابل اعتماد گهٽ کان گهٽ ڊيٽرنس برقرار رکڻ جي لاءِ ڪافي آهن. ترجمان پاڪستان پاران ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري ثالثي ڪوششن جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان پراميد آهي ته جلد يا دير هڪ معاهدو طئي ٿي ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڌريون اهڙو پائيدار ۽ پرامن حل ڪڍنديون جيڪو نه رڳو خطي پر پوري دنيا ۾ امن جو سبب بڻجي. ترجمان چيو ته اربع ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف آبنائي هرمز ۾ “پروجيڪٽ فريڊم” کي عارضي طور تي روڪڻ جي اعلان کي وقت سر قدم قرار ڏيندي ان جي آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هر ان ڪوشش جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو جيڪا تحمل، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي اڳتي وڌيو وڃي. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار گذريل هفتي پنهنجي هم منصبن سان رابطا ڪيا جن ۾ ايران جو پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي، ڪويتي پرڏيهي وزير، اردن جو نائب وزيراعظم ۽ برطانوي پرڏيهي وزير شامل آهن ته جيئن امن ۽ سفارتي حل کي اڳتي وڌائي سگهجي. طاهر حسين اندرابي چيو ته ڪمبوڊيا ۾ حراست ۾ ورتل 54 پاڪستانين مان 49 واپس وطن پهچي چڪا آهن جڏهن ته باقي ٽي به جلد واپس اچي ويندا. هن چيو ته 27 اپريل تي ڪمپالا ۾ وزٽ ويزا تي غيرمجاز نوڪري ڪرڻ جي الزام ۾ حراست ۾ ورتل اٽڪل 85 پاڪستاني شهرين جي معاملي تي پاڪستان جي سفارتخاني لاڳاپيل عملدارن سان رابطو ڪيو ۽ انهن جي جلد کان جلد واپسي کي يقيني بڻايو جنهن تحت انهن کي واپس موڪليو ويو.










