اسلام آباد - 07 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ خطي جي تازي صورتحال ۽ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ جاري سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير عباس عراقچي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي پنهنجي چين جي تازي …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه، امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ جاري سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ خطي جي تازي صورتحال ۽ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ جاري سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير عباس عراقچي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي پنهنجي چين جي تازي دوري ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ٿيندڙ مشاورت کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير عباس عراقچي ان کان اڳ ضبط ڪيل جهازن تان ايراني شهرين جي وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورا پڻ ادا ڪيا ۽ ان حوالي سان پاڪستان جي مسلسل سفارتي ۽ انساني همدرديءَ تي ٻڌل حمايت کي ساراهيو.










