ايران سان تاريخي لاڳاپا آهن، گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون: وفاقي وزير محمد حنيف عباسي

 اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پاڪستان ايران سان پنهنجن تاريخي ، ثقافتي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏيندو آهي ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا. خميس ڏينهن ريلوي وزارت پاران جاري پڌرائي مطابق انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم سان …

 اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پاڪستان ايران سان پنهنجن تاريخي ، ثقافتي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏيندو آهي ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا. خميس ڏينهن ريلوي وزارت پاران جاري پڌرائي مطابق انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، ريلوي سهڪار ۽ خطي جي مجموعي صورتحال جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ريلوي واري وزير چيو ته پاڪستان ايران سان پنهنجي تاريخي، ثقافتي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي نهايت اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا ،ملاقات دوران پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ريلوي رابطن کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جا معاملا غور هيٺ آيا. خاص ڪري تفتان – زاهدان ريلوي روٽ ۽ اسلام آباد – تهران، استمبول (آئي ٽي آئي ) فريٽ ٽرين منصوبي تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته علائقائي واپار ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ريلوي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ٻنهي اڳواڻن ڪوئٽه ، تفتان ريلوي سيڪشن جي مرمت ۽ بحالي بابت جاري قدمن جو به جائزو ورتو. ريلوي واري وزير چيو ته ريلوي آپريشنز جي تسلسل ۽ موثر فعاليت لاءِ سيڪيورٽي قدمن ۽ انفراسٽرڪچر جي بهتري اڻٽر آهي. ملاقات ۾ خطي خاص طور تي وچ اوڀر جي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر امن، ڳالهين ۽ سفارتي ذريعن سان مسئلن جي حل جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقام، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستاني مثبت ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جون سفارتي ڪوششو تعريف جوڳيون آهن. ڌرين وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير  جي قيادت ۾ امن ڳالهين ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ جاري ڪوششن کي موثر قرار ڏنو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هميشه ڳالهين ، گڏيل احترام ۽ پرامن حل تي يقين رکي ٿو ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي سفارتي حمايت جاري رکندو.