نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ (ايس سي او) جي چيئرمين شپ سنڀالڻ جي حوالي سان اجلاس

اسلام آباد - 07 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي سربراهن واري ڪائونسل جي 2026ع ۽ 2027ع جي چيئرمين شپ سنڀالڻ جي حوالي سان پاڪستان جي تيارين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ قائم ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم جاري تيارين جو جائزو وٺندي سمورين …

اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي سربراهن واري ڪائونسل جي 2026ع ۽ 2027ع جي چيئرمين شپ سنڀالڻ جي حوالي سان پاڪستان جي تيارين جو جائزو وٺڻ جي لاءِ قائم ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم جاري تيارين جو جائزو وٺندي سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي 2027ع ۾ ايس سي او جي سربراهي اجلاس جي ڪامياب ميزباني کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ جامع منصوبابندي ۽ موثر رابطاڪاري ڪن. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ اهم علائقائي ڪردار جي طور تي ايس سي او فريم ورڪ ۽ پنهنجي ايندڙ چيئرمين شپ کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪو علائقائي تعاون، رابطن ۽ گهڻ رخي حصيداري جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو عڪاس آهي. هن وقت سر عملدرآمد، ادارن جي وچ ۾ موثر هم آهنگي ۽ انتظامي ۽ عملي تيارين جي اعلى معيار جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت خاص معاون طارق فاطمي، پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ، گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري اسپيشل سيڪريٽري، سي ڊي اي چيئرمين، آءِ جي پوليس اسلام آباد ۽ پرڏيهي وزارت ۽ لاڳاپيل وزارتن جي ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.