سول ۽ عسڪري قيادت جي وچ ۾ ويجهي هم آهنگي، تصديق ٿيل معلومات جي وقت سر پهچ بيانيو مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڏني: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 07 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سول ۽ عسڪري قيادت جي وچ ۾ ويجهي هم آهنگي، تصديق ٿيل معلومات جي وقت سر پهچ ۽ ميڊيا جي ذميواراڻي ڪردار گذريل سال ڀارت سان معرڪه حق دوران پاڪستان کي جعلي خبرن جو موثر مقابلو ڪرڻ ۽ پنهنجو بيانيو مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڏني. اها ڳالهه هن اطلاعات ۽ …

اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سول ۽ عسڪري قيادت جي وچ ۾ ويجهي هم آهنگي، تصديق ٿيل معلومات جي وقت سر پهچ ۽ ميڊيا جي ذميواراڻي ڪردار گذريل سال ڀارت سان معرڪه حق دوران پاڪستان کي جعلي خبرن جو موثر مقابلو ڪرڻ ۽ پنهنجو بيانيو مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڏني. اها ڳالهه هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي اهتمام هيٺ “ٽرٿ بي يانڊ بارڊرز” جي عنوان سان منعقد ويبينار کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل سال ڇڪتاڻ دوران صحيح ۽ تصديق ٿيل معلومات کي وقت سر لاڳاپيل ڌرين تائين پهچائڻ جي لاءِ حڪومت سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آندا. هن چيو ته صورتحال انتهائي تيزي سان بدلجي رهي هئي ۽ معلومات جو وهڪرو به تمام وڌيڪ هو، ان لاءِ اسان کي نه رڳو معلومات جي تصديق جي لاءِ پنهنجا وسيلا وسيلا استعمال ۾ آڻڻا پيا پر اهو به يقيني بڻائڻو هو ته صحيح معلومات وقت تي صحيح ڌرين تائين پهچي سگهي. هن چيو ته گذريل سال سرحدي ڇڪتاڻ دوران اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سمورن شعبن ۽ ادارن کي موثر ردعمل ۽ مستنند معلومات جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ متحرڪ ڪيو ويو هو. هن چيو ته مس انفارميشن ۽ فيڪ نيوز جي موثر مقابلي ۾ پاڪستان جي ڪاميابي جو هڪ اهم سبب سول ۽ عسڪري قيادت جي وچ ۾ مضبوط هم آهنگي ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي وچ ۾ ويجهو رابطو هو. هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ معلومات جو انتهائي موثر ۽ منظم نظام موجود هو ۽ اسان صحيح معلومات وقت سر ميڊيا تائين پهچائي رهيا هئاسين، وفاقي وزير ڇڪتاڻ دوران ذميواري ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ تي پاڪستان جي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا صارفين کي خراج تحسين پيش ڪيو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته سمورين لاڳاپيل ڌرين بشمول عوام جي وچ ۾ مڪمل اتحاد موجود هو ۽ پوري قوم هٿياربند فوج ۽ حڪومت سان گڏ بيٺل رهي. هن چيو ته قومي سطح تي گڏيل ردعمل پاڪستان کي ملڪي ۽ عالمي سطح تي پنهنجو بيانيو موثر انداز ۾ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ڏني. وفاقي وزير چيو ته اتحاد ۽ يڪجهتي جو هڪ اعلى مثال موجود هو جنهن جي ڪري اسان مقامي ۽ عالمي سطح تي پنهنجي بيانيي کي موثر انداز ۾ پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب رهياسين. وفاقي وزير چيو ته جيڪا معلومات فراهم ڪئي پئي وئي اها تصديق ٿيل، صحيح ۽ حقيقتن تي ٻڌل هئي، انهي جي ڪري پاڪستان وڌيڪ مضبوط ٿي سامهون آيو جڏهن ته مخالف موثر ترجمانن ۽ عالمي ميڊيا تائين موثر پهچ کان محروم هو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ ڪاميابي جو دارومدار سمورين لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ مڪمل هم آهنگي ۽ تعاون تي هوندو آهي جڏهن ته صحيح معلومات کي مناسب پليٽ فارمز جي ذريعي وقت سر عام ڪرڻ به لازمي آهي. هن چيو ته گذريل سال جڏهن ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو ته اسان اڌ ڪلاڪ جي اندر عالمي ميڊيا تي پنهنجو موقف پيش ڪيو جڏهن ته مقامي ٽي وي چينلز ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي سڌوسنئون معلومات فراهم ڪئي. وقت سر معلومات جي فراهمي موثر اداراجاتي تعاون ۽ آءِ ايس پي آر جي سهڪار سان ممڪن ٿي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان فيڪٽ چيڪنگ فورمز ۽ تصديقي نظام پڻ قائم ڪيو جنهن جعلي خبرن ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات جي تدارڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي پهرين ڊيجيٽل ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ جي قيام ملڪ جي ڊس انفارميشن جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي نمايان طور تي بهتر ڪيو آهي. هن چيو ته اسان وٽ مناسب وسيلا ۽ نظام موجود هو، جڏهن اسان انهن نظامن کي استعمال ڪيو ته اسان ڀرپور ڪاميابي سان سرخرو ٿياسين.