لاڙڪاڻو- 13 اپريل (اي پي پي) سنڌ سولر هوم سسٽم منصوبي جي افتتاحي تقريب جي حوالي سان ڊي سي آفيس جي درٻار هال ۾ گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. گڏجاڻي جي صدارت ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين اعجاز احمد لغاري، ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر ۽ ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو ڪئي. گڏجاڻي ۾ مختلف سرڪاري کاتن جا آفيسر به شريڪ ٿيا. گڏجاڻي ۾ 15 اپريل تي ٿيندڙ افتتاحي تقريب جي انتظامن، …
ڊي سي آفيس لاڙڪاڻو ۾ سنڌ سولر هوم سسٽم منصوبي جي افتتاحي تقريب جي حوالي سان گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 13 اپريل (اي پي پي) سنڌ سولر هوم سسٽم منصوبي جي افتتاحي تقريب جي حوالي سان ڊي سي آفيس جي درٻار هال ۾ گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. گڏجاڻي جي صدارت ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين اعجاز احمد لغاري، ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر ۽ ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو ڪئي. گڏجاڻي ۾ مختلف سرڪاري کاتن جا آفيسر به شريڪ ٿيا. گڏجاڻي ۾ 15 اپريل تي ٿيندڙ افتتاحي تقريب جي انتظامن، سيڪيورٽي، لاجسٽڪس ۽ ٻين معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ سڀ ضروري انتظام وقت تي مڪمل ڪن ته جيئن تقريب سٺي نموني منعقد ڪري سگھجي. ان موقعي تي ميئر لاڙڪاڻو ۽ چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيو ته سنڌ حڪومت جو هي سولر سسٽم ڏيڻ جو منصوبو غريب ۽ مستحق ماڻهن کي لوڊشيڊنگ ۽ گرمي کان بچائڻ لاءِ هڪ بهترين قدم آهي. هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر جي واعدي تحت مستحق ماڻهن کي سولر سسٽم ڏنا پيا وڃن ته جيئن ماڻهن کي رليف ملي سگهي.











