ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جو شهر جي مختلف امتحاني مرڪزن جو دورو

لاڙڪاڻو- 13 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو، چيئرمين بورڊ آف انٽرميڊيٽ سيڪنڊري ايجوڪيشن لاڙڪاڻو خالد حسين مهر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو راجا دريا خان قريشي سان گڏ لاڙڪاڻو جي مختلف امتحاني مرڪزن جو دورو ڪيو. دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر سينٽرن جي پرنسپلز ۽ انويجيليٽرز کي هدايت ڪئي ته امتحاني پرچن جي شروعات کان اڳ اميدوارن جي امتحاني سلپس، هٿ جا ٿيلها، موبائل ۽ سمارٽ …

لاڙڪاڻو- 13 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو، چيئرمين بورڊ آف انٽرميڊيٽ سيڪنڊري ايجوڪيشن لاڙڪاڻو خالد حسين مهر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو راجا دريا خان قريشي سان گڏ لاڙڪاڻو جي مختلف امتحاني مرڪزن جو دورو ڪيو. دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر سينٽرن جي پرنسپلز ۽ انويجيليٽرز کي هدايت ڪئي ته امتحاني پرچن جي شروعات کان اڳ اميدوارن جي امتحاني سلپس، هٿ جا ٿيلها، موبائل ۽ سمارٽ واچون چيڪ ڪيون وڃن. جيڪڏهن ڪو به لاپرواهي جو شڪار ٿيو ته ضلعي ۾ امتحانن کي آسان طريقي سان جاري رکڻ لاءِ انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.