لاڙڪاڻو پوليس پاران 13 کان 19 اپريل تائين جاري رھندڙ پوليو مهم لاءِ سيڪيورٽي آرڊر جاري ڪيا ويا

لاڙڪاڻو- 13 اپريل (اي پي پي) ڊي آءِ جي پوليس لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي جاري ڪيل ھدايتن تحت لاڙڪاڻو رينج جي پنجن ئي ضلعن ۾ 13اپريل کان 19 تائين جاري رھندڙ پوليو مهم جي سيڪيورٽي لاءِ سيڪيورٽي آرڊر جاري ڪيا ويا آهن. جاري ڪيل سيڪيورٽي آرڊرن موجب لاڙڪاڻي رينج جي پنجن ئي ضلعن ۾ 4551 موبائل ٽيمون، 233 ٽرانزيشن ٽيمون ۽ 5276 پوليس آفيسر ۽ جوان فرض سرانجام ڏيندا. پوليو مهم …

لاڙڪاڻو- 13 اپريل (اي پي پي) ڊي آءِ جي پوليس لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي جاري ڪيل ھدايتن تحت لاڙڪاڻو رينج جي پنجن ئي ضلعن ۾ 13اپريل کان 19 تائين جاري رھندڙ پوليو مهم جي سيڪيورٽي لاءِ سيڪيورٽي آرڊر جاري ڪيا ويا آهن. جاري ڪيل سيڪيورٽي آرڊرن موجب لاڙڪاڻي رينج جي پنجن ئي ضلعن ۾ 4551 موبائل ٽيمون، 233 ٽرانزيشن ٽيمون ۽ 5276 پوليس آفيسر ۽ جوان فرض سرانجام ڏيندا. پوليو مهم دوران لاڙڪاڻي رينج جا ايس ايس پي پاڻ سيڪيورٽي جي نگراني ڪندا، پوليو مهم دوران لاڙڪاڻي رينج جي پنجن ئي ضلعن ۽ رينج آفيس ۾ خاص ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويا آهن. ڊي آءِ جي پوليس چيو آهي ته پوليو مهم دوران ڪنهن به قسم جي غفلت يا لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي.