بلوچستان جي وڏي وزير پاران هزار گنجي ۾ فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس، گهرو کاتي ۽ آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب

ڪوئيٽا- 12 اپريل (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ڪوئيٽا جي علائقي هزار گنجي ۾ فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس وٺندي گهرو کاتي ۽ آءِ پوليس کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي. مير سرفراز بگٽي دهشتگرد عنصرن خلاف سخت ڪاروائي جو حڪم ڏيندي واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. آچر ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾  وڏي وزير متاثر ڪٽنبن سان دلي …

ڪوئيٽا- 12 اپريل (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ڪوئيٽا جي علائقي هزار گنجي ۾ فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس وٺندي گهرو کاتي ۽ آءِ پوليس کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي. مير سرفراز بگٽي دهشتگرد عنصرن خلاف سخت ڪاروائي جو حڪم ڏيندي واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. آچر ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾  وڏي وزير متاثر ڪٽنبن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته بزدلاڻي ڪاروائي برداشت ڪرڻ جوڳي نه آهي ۽ ان ۾ ملوث عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو  ويندو. هن وڌيڪ چيو ته امن جي دشمنن کي معصوم جانين سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، وڏي وزير زخمين کي فوري طور تي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جون پڻ هدايتون ڪيون آهي.