بلوچستان ۾ 4.5 شدت جي زلزلي جا لوڏا

اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) بلوچستان جي علائقي بارکان ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ريڪٽر اسڪيل تي شدت 4.5 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلو ماپيندڙ مرڪز مطابق زلزلو ڇنڇر جي صبح بلوچستان جي علائقي بارکان ۾ آيو، جنهن جي اونهائي 25 ڪلوميٽر هئي. بلوچستان جي علائقي زوب کان 110 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ 4.5 شدت جو زلزلو آيو. زلزلي جا لوڏا سڄي علائقي ۾ محسوس ڪيا ويا، …

اسلام آباد- 11 اپريل (اي پي پي) بلوچستان جي علائقي بارکان ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ريڪٽر اسڪيل تي شدت 4.5 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلو ماپيندڙ مرڪز مطابق زلزلو ڇنڇر جي صبح بلوچستان جي علائقي بارکان ۾ آيو، جنهن جي اونهائي 25 ڪلوميٽر هئي. بلوچستان جي علائقي زوب کان 110 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ 4.5 شدت جو زلزلو آيو. زلزلي جا لوڏا سڄي علائقي ۾ محسوس ڪيا ويا، جنهن سان مقامي رهائيشين ۾ شديد خوف پکڙجي ويو. زلزلي کانپوءِ ماڻهو پنهنجي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. زلزلي کانپوءِ فوري طور تي ڪنهن به وڏي تباهي يا جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.

مزید خبریں