ڪشمور پوليس جي ڪارروائي، هڪ جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

لاڙڪاڻو- 11 اپريل (اي پي پي) ڪشمور پوليس وقت سر ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. تفصيل مطابق ڪشمور پوليس طاهر عزيز ڪلوڙ کي زخمي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ڪشمور جي ڪلوڙ محلا ۾ طاهر ڪلوڙ نالي شخص جي گهر ٻاهران ڪار ۾ سوار اڻجاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري طاهر ڪلوڙ کي زخمي ڪري ڇڏيو هو. فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ٻار 13 ورهين جو تنوير احمد …

لاڙڪاڻو- 11 اپريل (اي پي پي) ڪشمور پوليس وقت سر ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. تفصيل مطابق ڪشمور پوليس طاهر عزيز ڪلوڙ کي زخمي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ڪشمور جي ڪلوڙ محلا ۾ طاهر ڪلوڙ نالي شخص جي گهر ٻاهران ڪار ۾ سوار اڻجاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري طاهر ڪلوڙ کي زخمي ڪري ڇڏيو هو. فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ٻار 13 ورهين جو تنوير احمد ولد شمس الدين چنا پڻ زخمي ٿي پيو. واقعي بابت ڄاڻ ملندي ئي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب نوٽيس وٺندي جوابدارن جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا، جنهن کانپوءِ اي ايس پي ڪشمور محمد نعمان جي اڳواڻي ۾ ايس ايڇ او ڪشمور غلام قادر جتوئي فوري ڪارروائي ڪندي جوابدارن جو پيڇو ڪيو ۽ ڳجهو اطلاع ملڻ تي معلوم ٿيو ته جوابدار سنڌ کان روجهاڻ پنجاب وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڪشمور پوليس وقت سر ڪارروائي ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ اسلام آباد جي رهواسي عاصم عباد ولد خالد عباد راجپوت جي نالي سان ٿي آهي. گرفتار جوابدار وٽان واقعي ۾ استعمال ٿيل هٿيار ۽ گاڏي به هٿ ڪئي وئي آهي.