نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو چين جي پرڏيهي وزير پاران شاندار استقبال

اسلام آباد- 31 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي بيجنگ ۾ ديائوتائي اسٽيٽ گيسٽ هائوس اچڻ تي شاندار استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ ٻطرفي ملاقات ٿيندي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي جتي هو چين …

اسلام آباد- 31 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي بيجنگ ۾ ديائوتائي اسٽيٽ گيسٽ هائوس اچڻ تي شاندار استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ ٻطرفي ملاقات ٿيندي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي جتي هو چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي ان دوري جي دعوت پنهنجي چيني هم منصب وانگ يي ڏني آهي. دوري دوران ٻئي اڳواڻ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جو جامع جائزو وٺندا ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.

مزید خبریں