وزيراعظم محمد شهباز شريف سرڪاري دوري تي سعودي عرب روانو

اسلام آباد- 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرڪاري دوري تي سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي دعوت تي سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي. هو سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود …

اسلام آباد- 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرڪاري دوري تي سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي دعوت تي سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي. هو سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري سان پاڪستان جو سفارتي ميدان ۾ مثبت ڪردار واضح ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان اهو ڪردار هر صورت ۾ ادا ڪندو رهندو.