نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي عمان جي پرڏيهي وزير بدر بن حمد البوسيدي سان فون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 12 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عمان جي پرڏيهي وزير بدر بن حمد البوسيدي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ وچ اوڀر ۽ وڏي خطي ۾ پيدا ٿيندڙ سنگين ۽ بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب نائب وزيراعظم ڳالهين کي فروغ ڏيڻ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ عمان جي تعميري …

اسلام آباد- 12 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عمان جي پرڏيهي وزير بدر بن حمد البوسيدي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ وچ اوڀر ۽ وڏي خطي ۾ پيدا ٿيندڙ سنگين ۽ بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب نائب وزيراعظم ڳالهين کي فروغ ڏيڻ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ عمان جي تعميري ۽ اصولي ڪردار کي ساراهيو. هن ملڪ تي تازن حملن جي روشني ۾ عمان ۽ ان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو. نائب وزيراعظم پاڪستان جي تحمل، ڇڪتاڻ ۾ فوري طور تي گهٽتائي ۽ سفارتڪاري ڏانهن واپسي جي مطالبي تي زور ڏنو. هن ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي سڀني ڪوششن لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ورجايو.