اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته روانگي واپار تي ٻڌل شعبن کي مضبوط بنائڻ پاڪستان جي معاشي بحاليءَ جي حڪمت عمليءَ جو مرڪزي جُز آهي، ملڪ روانگي واپار تي ٻڌل صنعتي معاشي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ موجودگي وڌائڻ ۾ اسٽريٽجڪ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن اها ڳالهه ٽيڪسٽائل ۽ ريڊي ميڊ ڪپڙن جي …
روانگي واپار تي ٻَڌل شعبن کي مضبوط بنائڻ پاڪستان جي معاشي بحاليءَ جي حڪمت عمليءَ جو مرڪزي جُز آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته روانگي واپار تي ٻڌل شعبن کي مضبوط بنائڻ پاڪستان جي معاشي بحاليءَ جي حڪمت عمليءَ جو مرڪزي جُز آهي، ملڪ روانگي واپار تي ٻڌل صنعتي معاشي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ موجودگي وڌائڻ ۾ اسٽريٽجڪ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن اها ڳالهه ٽيڪسٽائل ۽ ريڊي ميڊ ڪپڙن جي نمايان روانگي واپار ڪندڙن ۽ صنعت سان واڳيل اهم ڀائيوارن جي وفد سان ملاقات ۾ ڪئي. وفد جي قيادت پاڪستان رينجل اڪنامڪ فورم جي چيئرمين هارون شريف ڪئي. ملاقات ۾ روانگي واپار جي چٽاڀيٽي وڌائڻ، سيڙپڪاريءَ لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ صنعتي ترقيءَ لاءِ مختلف قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته روانگي واپار تي ٻَڌل شعبن کي مضبوط بنائڻ پاڪستان جي معاشي بحاليءَ جي حڪمت عمليءَ جو مرڪزي جُز آهي، پيداواري صلاحيت ۾ واڌ، جدت جي حوصله افزائي ۽ پاڪستان جي اهم صنعتن جي عالمي چٽاڀيٽي ۾ بهتري روانگي واپار وڌائڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ڊگهي مُدي واري معاشي ترقيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ نهايت اهم آهي. ناڻي واري وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت صنعت سان واڳيل ڀائيوارن سان ويجهو رابطو برقرار رکندي ته جيئن معاشي پاليسيون ڪاروباري برادريءَ جي ضرورتن موجب رهن ۽ گڏوگڏ ئي پائيدار ۽ جامع ترقي کي هٿي ملي. هن چيو ته سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ، موجوده روانگي واپار ڪندڙن طرفان ٻيهر سيڙپڪاري کي آسان بنائڻ ۽ صنعتي واڌ ۾ رڪاوٽ بڻجڻ واري طريقيڪار جي ڏُکيائين کي ختم ڪرڻ لاءِ پاليسي فريم ورڪ کي مسلسل بهتر بنايو پيو وڃي، جڏهن ته مالياتي نظم و ضبط ۽ ڪُلي معيشت جي استحڪام کي به برقرار رکيو پيو وڃي. پاڪستان جي چٽاڀيٽي شعبن کي مضبوط بنائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿي ته روانگي واپار تي ٻَڌل صنعتي معاشي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ ملڪ جي موجودگي وڌائڻ ۾ اسٽريٽجڪ ڪردار ادا ڪري ڪري ٿي. هن زور ڀريو ته بهتر پاليسي هم آهنگي، ريگيوليٽري سهولت ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ذريعي روانگي واپار ڪندڙن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي روانگي واپار، چٽاڀيٽيءَ کي مضبوط بنائڻ لاءِ جديديت، ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ ويليو ايڊيشن جي اهميت تي به زور ڀريو. هن صنعت جي اڳواڻن جي حوصله افزائي ڪئي ته هو جدت کي هٿي وٺرائين، نئيون ٽيڪنالاجيز اختيار ڪن ۽ عالمي سپلاءِ چينز ۾ اُڀرندڙ موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ وڌيڪ ويليو وارين مارڪيٽ شين ۾ واڌ ڪن. ناڻي واري وزير پاڪستان ريجنل اڪنامڪ فورم طرفان پاڪستان جي چٽاڀيٽي اقتصادي شعبن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيو ۽ ڪاروباري برادريءَ جي روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ، روزگار جي موقعا پيدا ڪرڻ ۽ صنعتي ترقيءَ ۾ خدمتن کي تسليم ڪيو. وفد ناڻي واري وزير کي فورم جي انهن سرگرمين جي باري ۾ بريفنگ ڏني، جن جو مقصد گڏيل منصوبن کي هٿي وٺرائڻ، پرڏيهي سيڙپڪاري جي ڀائيوارن کي راغب ڪرڻ ۽ ترجيحي صنعتي شعبن ۾ ٽيڪنالاجي سهڪار کي مضبوط بنائڻ شامل آهي. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جي چٽاڀيٽي صلاحيتن موجب مالياتي ۽ ريگيوليٽري پاليسين کي هم آهنگ ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن روانگي واپار تي ٻَڌل ترقيءَ کي تيز ڪري سگهجي ۽ صنعتي پيداواريت ۾ واڌ ٿئي. صنعتي نمائندن اهم روانگي واپاري شعبن خاص ڪري ويليو ايڊڊ ٽيڪسٽائلز جيڪا پاڪستان جي راونگي واپار جو هڪ وڏو حصو فراهم ڪري ٿي، کي چٽاڀيٽي کي مضبوط بنائڻ جي اسٽريٽجڪ اهميت تي به روشني وڌي، هن چيو ته عالمي مارڪيٽن ۾ بدلجندڙ صورتحال ۽ علائقائي چٽاڀيٽي ۾ واڌ جي پيش نظر ويلو ايڊڊ شعبن کي خاص پاليسي ڌيان ۽ هدفي معاونت جي ضرورت آهي. وفد ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته ٽيڪس ۽ تعميل جي نظام کي سادو ۽ ترقي دوست بنايو وڃي ته جيئن ٻيهر سيڙپڪاري، ڪاروباري واڌ ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آسانيءَ کي هٿي ملي سگهي. شرڪت ڪندڙن چيو ته اهڙين پاليسين جي ضرورت آهي جيڪا ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ڊجيٽل تبديليءَ ذريعي جديديت کي هٿي وٺرائي ۽ گڏوگڏ ئي ان جي ڍانچه جاتي رڪاوٽن کي ختم ڪن جيڪا صنعتي ڪارڪردگي ۽ روانگي واپار جي چٽاڀيٽي کي متاثر ڪن ٿيون. ڪاروباري اڳواڻن وڌيڪ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ليبر بابت لاڳت جي ڍانچي ۽ ريگيوليٽري ليويز جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن پاڪستان جي روانگي واپار تي ٻَڌل صنعتون عالمي مارڪيٽن ۾ چٽاڀيٽي رهي سگهي. ان مطابق اهڙن خرچن وارن ڍانچن کي مضبوط بنائڻ سان پيداواري صلاحيت ۾ واڌ، روزگار جي موقعن جي تخليق ۽ روانگي واپار ۾ مسلسل واڌ ممڪن ٿي سگهي. ناڻي واري وزير وفد طرفان پيش ڪيل تعميري تجويزن کي ساراهيو ۽ـ چيو ته کنيل ڪيترائي معاملا پهرين ئي حڪومت جي جاري معاشي سڌارن واري ايجنڊا تحت غور هيٺ آهن. اجلاس ۾ پاڪستان ايپرل فورم جي چيئرمين جاويد بلواني، پاڪستان ٽيڪسٽائل ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن جي پيٽرن اِن چيف خرم مختار، پاڪستان رينجل اڪنامڪ فورم جي ڊائريڪٽر خالد منصور، يو ايس ايپرل جي سي اي او صديق ڀٽي، اسٽائل ٽيڪسٽائل جي شهزاد اصغر علي، اسٽائل ٽيڪسٽائل جي سي ايس او جاويد اختر ۽ ناڻي وزارت جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.











