نائب وزيراعظم جي صدارت ۾ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس، پي آءِ اي جي ڪامياب ٻوليءَ ڏيندڙ عارف حبيب ڪارپوريشن ڪنسورشيم ۾ فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني لميٽيڊ جي شموليت جي توثيق ڪري ڇڏي

اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز ڪارپوريشن لميٽيڊ (پي آءِ اي سي ايل) جي ڪامياب ٻوليءَ ڏيندڙ عارف حبيب ڪارپوريشن جي سربراهي ۾ ٺهندڙ ڪنسورشيم ۾ فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني لميٽيڊ جي شموليت جي توثيق ڪري ڇڏي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي او پي) جي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ فوجي فرٽيلائيزر …

اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز ڪارپوريشن لميٽيڊ (پي آءِ اي سي ايل) جي ڪامياب ٻوليءَ ڏيندڙ عارف حبيب ڪارپوريشن جي سربراهي ۾ ٺهندڙ ڪنسورشيم ۾ فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني لميٽيڊ جي شموليت جي توثيق ڪري ڇڏي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي او پي) جي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني لميٽيڊ (ايف ايف سي ايل) کي بطور اضافي ڪنسورشيم ميمبر شامل ڪرڻ جي سمري تي غور ڪيو ويو. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ڪابينا ڪميٽي اجلاس ۾ تفصيلي غور فڪر کانپوءِ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز ڪارپوريشن لميٽيڊ (پي آءِ اي سي ايل) جي ڪامياب ٻوليءَ ڏيندڙ عارف حبيب ڪارپوريشن جي سربراهي ۾ ٺهندڙ ڪنسورشيم ۾ فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني لميٽيڊ جي شموليت جي توثيق ڪري ڇڏي. اها شموليت پي آءِ اي سي ايل جي لاءِ طئي ٿيل ٻوليءَ جي دستاويزن (بڊ ڊاڪيومنٽس) جي منظور ٿيل شرطن موجب ڪئي وئي آهي. فيصلي جي اهم نقطن ۾ شامل آهي ته فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني (ايف ايف سي ايل)، پي آءِ اي جي نجڪاري جي لاءِ ڪامياب ٻوليءَ ڏيندڙ پاران قائم ڪيل خصوصي ڪمپني (ايس پي وي) ”پي آءِ اي ايڪويٽي لميٽيڊ“ جا 33.99 سيڪڙو آرڊينري شيئرز خريد ڪندي. ٻوليءَ جي دستاويزن جي شرطن موجب عارف حبيب ڪارپوريشن لميٽيڊ ئي ان ڪنسورشيم جي سربراهه (ليڊ ميمبر) جي طور تي برقرار رهندي. ڪابينا ڪميٽي (سي سي او پي) جو اهو فيصلو حتمي منظوري جي لاءِ وفاقي ڪابينا ڏانهن موڪليو ويندو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين، توانائي وارن وفاقي وزيرن، نجڪاري بابت وزيراعظم جي صلاحڪار، ناڻي واري مملڪتي وزير، خاص معاون طارق باجوه، ڪابينا، نجڪاري ۽ قانون ۽ انصاف وارن سيڪريٽريز سميت ٻين لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.