اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سمورين وزارتن ۽ ڊويزنز کي هدايت ڪئي آهي ته ڪفايت شعاري قدمن تي سختي ۽ شفافيت سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، مالياتي نظم ۽ ضبط کي فروغ ڏنو وڃي ۽ سرڪاري وسيلن جي محتاط استعمال کي يقيني بڻايو وڃي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم جي هدايتن تي قائم …
ڪفايت شعاري قدمن تي سختي ۽ شفافيت سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سمورين وزارتن ۽ ڊويزنز کي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سمورين وزارتن ۽ ڊويزنز کي هدايت ڪئي آهي ته ڪفايت شعاري قدمن تي سختي ۽ شفافيت سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، مالياتي نظم ۽ ضبط کي فروغ ڏنو وڃي ۽ سرڪاري وسيلن جي محتاط استعمال کي يقيني بڻايو وڃي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم جي هدايتن تي قائم ڪيل تحفظ ۽ اضافي ڪفايت شعاري قدمن جي نگراني ۽ عملدرآمد ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين، موسمياتي تبديلي، اطلاعات ۽ نشريات، پيٽروليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام وارن وزيرن، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي معاملن، ناڻي، ڪابينا ۽ گهرو معاملن وارن سيڪريٽرين، اسپيشل سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن، ڪابينا ڊويزن جي سينيئر عملدارن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي. صوبائي چيف سيڪريٽريز پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ڪميٽي وزيراعظم جي ڪفايت شعاري قدمن تي عملدرآمد جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو جن ۾ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن پاران پنهنجون پگهارون نه وٺڻ جو فيصلو، وزارتن ۽ ادارن جي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ اهڙن سينيئر سرڪاري آفيسرن جن جو پگهارون 3 لک رپيا يا ان کان وڌيڪ آهن، انهن جي پگهارن مان ڪٽوتي شامل آهي. صوبن کي به مڪمل طور تي بريف ڪيو ويو ۽ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي انهن قدمن جي موثر ۽ ٺوس لاڳو کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن کي شامل ڪيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سمورين وزارتن ۽ ڊويزنز کي هدايت ڪئي ته ڪفايت شعاري قدمن تي سختي ۽ شفافيت سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، مالياتي نظم ۽ ضبط کي فروغ ڏنو وڃي ۽ سرڪاري وسيلن جي محتاط استعمال کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن حڪومت جي ڪفايت شعاري ۽ ذميواراڻي طرز حڪمراني جي عزم موجب ڪم ڪري سگهجي.











